اسلام آباد/ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سنڌ ۾ بدامني جو نوٽيس ورتو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد کي سنڌ جو دورو ڪري جلد رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي هدايت کانپوءِ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ڊي جي رينجرز سنڌ سان فون تي رابطو ڪيو، ڊي جي رينجرز سنڌ کيس امن امان بابت بريفنگ ڏني، هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل افتخار سان ملاقات کانپوءِ وزيراعظم کي رپورٽ ڏيندس، وزيراعظم مون کي چيو آهي ته جلد سنڌ وڃو، رينجرز سان ميٽنگ ڪيو،صوبي ۾لاقانونيت جنم وٺي پئي،پوليس منهن نٿي ڏئي سگهي، عمران خان امن امان بابت جلد رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي،مان ڪنهن به وقت سنڌ وڃي سگهان ٿو۔. هوڏانهن اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم سنڌ جي گورنر ۽ وفاقي وزير اسد عمر کان سنڌ جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سنڌ ۾امن امان بابت پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته امن امان ۽ وڌندڙ ڏوهن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو،وزيراعظم گهرو وزير کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي.
