180

سپريم ڪورٽ پاران شهباز شريف بابت حڪومتي اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ بابت حڪم جي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ريمارڪس ڏنا آهن ته بادي النظر ۾ حڪومت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي توهين ڪئي آهي.سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل 2 رڪني بينچ شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف وفاقي حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته شهباز شريف جي درخواست تي هاءِ ڪورٽ جي 7 مئي تي مهر لڳل آهي. جنهن تي اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو ته مهر جي حساب سان ته درخواست داخل به ان ڏينهن ٿي جڏهن حڪم ڏنو ويو.جسٽس اعجازالاحسن چيو ته ايتري جلدي سمورو ڪم ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ انتهائي تڪڙي درخواست تي چيف جسٽس جي باقاعده لکت هوندي آهي. جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته شهباز شريف هاءِ ڪورٽ مان درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي. درخواست واپس وٺڻ تي وفاق جي اپيل ڪيئن ٻڌي سگهجي ٿي؟ جنهن تي اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته درخواست واپس وٺڻ جي حڪم ۾ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو واپس ناهي ورتو ويو. شهباز شريف جي توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي. توهين عدالت درخواست جي ذريعي پرڏيهه روانگي جي فيصلي تي عمل ڪرائي سگهجي ٿو. جسٽس اعجازالاحسن پڇاڻو ڪيو ته حڪومتي ادارن لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف قدم کنيو. بادي النظر ۾ حڪومت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي توهين ڪئي.هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي توهين ٿي يا نه. شهباز شريف پارليامينٽ جو ميمبر ۽ اپوزيشن اڳواڻ آهي. سمورن اسيمبلي ميمبرن جو احترام آهي. ڇا شهباز شريف کي ڪا ميڊيڪل ايمرجنسي هئي جو ايتري جلدي ٻڌڻي ٿي؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته شهباز شريف جي طبي بنيادن تي ضمانت رد ٿي هئي. اهڙو ڪوبه رڪارڊ ناهي ته شهباز شريف کي ايمرجنسي هئي. لاهور هاءِ ڪورٽ ته وفاق جو موقف به ناهي ٻڌو. پر هڪ طرفو حڪم ڏئي عمل ڪرڻ جي لاءِ به زور ڏنو ويو. شهباز شريف بطور اپوزيشن اڳواڻ احترام جوڳو آهي پر انصاف قانون موجب ملڻ گهرجي.اٽارني جنرل جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت جي اپيل شروعاتي ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪري ورتي. سپريم ڪورٽ شهباز شريف جي پرڏيهه روانگي ڪيس ۾ هاءِ ڪورٽ کان رڪارڊ طلب ۽ ڪيس جي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي هڪ هفتي جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو