127

پيپلزپارٽي پي ڊي ايم فيصلن تي عمل ڪري ته در کليل آهن:فضل الرحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري کيس اتحاد ۾ پ پ ۽ اي اين پي جي واپسيءَ جي تجويز ڏئي ڇڏي. شهباز شريف اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مخالف جماعتن جي گڏيل اتحاد ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان واضح لفظن ۾ چيو ته پ پ پنهنجي غلطي تسليم ڪري ۽ پي ڊي ايم جي فيصلن تي عمل ڪري، اسان جا دَر کليل آهن. هن چيو ته پي ڊي ايم ٻنهي جماعتن کي رابطو ڪرڻ لاءِ وقت ڏنو هو پر انهن اڃا تائين رابطو نه ڪيو، نه ئي شوڪاز جو جواب ڏنو، پ پ اڳ ۾ پنهنجي غلطي تسليم ڪري. ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس 29 مئي تي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پ پ ۽ اي اين پي کي نه گهرايو ويندو.سندس چوڻ هو ته پي ڊي ايم قيادت ويهي ٻنهي جماعتن بابت فيصلو ڪندي، اپوزيشن اتحاد کي ڀرپور عوامي طاقت سان متحرڪ ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو