116

ڊگهڙي ڀرسان موٽر سائيڪل تان ڪرڻ سبب عورت فوت، گهر ۾ ڪهرام

ڊگهڙي(ويب ڊيسڪ)بلوچ ڪالوني ڊگهڙي جو رهواسي حيدر بلوچ پنهنجي گهرواري سان گڏ موٽرسائيڪل تي ميرپورخاص طرف وڃي رهيو هو ته ميرواھ گورچاڻي ڀرسان سندس گهرواري اوچتو موٽرسائيڪل تان روڊ تي ڪري بيهوش ٿي پئي، کيس بيهوشي واري حالت ۾ ميرپورخاص اسپتال آندو ويو، جتان بعد ۾ کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، زخمي عورت زخمن جي سٽ نه سهندي رستي ۾ ٽنڊوالهيار ڀرسان دم ڌڻي حوالي ڪيو، جنهن بعد فوتڻ جو لاش بلوچ ڪالوني ڊگهڙي آندو ويو، گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو