لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ٽي وي ميزبان وقار ذڪا پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته مون وٽ هن وقت دنيا جي اميرترين ماڻهن ۾ شمار ٿيندڙ ايلون مسڪ جيتري دولت ناهي، ان لاءِ آئون کانئس سوال ڪرڻ جي اهل ناهيان، ائين ئي مون کان سوال ڪندڙ مون جيترو بينڪ بيلنس ٺاهڻ کانپوءِ سوال ڪري سگهن ٿا.
