155

ڪتاب ”ڪوتا تار تي ويٺل پنڇي“ جو اڀياس…

ليکڪ: يوسف جميل لغاري

چون ٿا ته نثري نظم جي شروعات فرينچ شاعريءَ کان ٿي. بودليئر (Baudelaire) پنهنجي مجموعي ”نثر ۾ ننڍا نظم“ (Petit poems en prose) سان ان جي ابتدا ڪئي. ان ۾ شاعريءَ جو عنصر ضروري آهي. ان ۾ وزن، بحر ۽ رديف قافيي کان سواءِ نظم جون سموريون خاصيتون موجود هجڻ گهرجن. ڪٿي ڪٿي ته قافيي جو استعمال به سٽن جي وچ ۾ يا آخر ۾ ٿئي ٿو ۽ ان ۾ موسيقيت جو احساس پيدا ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن (Assonance) جي ذريعي نغمگي پيدا ڪئي وڃي ٿي. هر حالت ۾ نثري نظم ۾ اندروني آهنگ ضروري آهي، اهڃاڻي ۽ خودمختيار لکڻيون نثري نظم جون اهم صورتون آهن. انگريزي شاعريءَ مان هيءَ صنف انگريزن جي دَور ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿي ۽ مقبوليت حاصل ڪئي. سنڌي ۾ لعلچند امر ڏني جو ”سدا گلاب“، ڪلا پرڪاش جو ”ممتاز لهرون“، مدد علي سنڌيءَ جو ”پنر ملن“، نور الهديٰ شاهه جو ”قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چند“، شيخ اياز جو ”پنڻ ٿو پور ڪري“ ۽ ٻيا ڪيترائي مجموعا شايع ٿيل آهن. نثري نظم متعلق اسان کي هي مٿين معلومات/هن جهڙي يا هن سان ملندڙ جلندڙ معلومات سنڌي لغتن مان ملي ٿي. ان سان گڏوگڏ نثري نظم جي اهم خاصيتن مان جيڪا اهم خاصيت ذهن ۾ رکي ويندي آهي سا آهي خيال جي پُختگي، نثري نظم ۾ خيال جيترو پڪو ۽ پختو هوندو، نظم اوترو ئي شاندار ۽ معنيٰ توڙي مفهوم سان سرشار هوندو. نظم جي صنف ۾ نثري نظم کي اهو ڪامل حاصل آهي ته ٻن سٽن ۾ ٻن صدين جي ڳالهھ ڪري سگهجي ٿي، هن وقت سنڌي ادب ۾ جن شاعرن کي نثري نظم لکڻ جو اعزاز حاصل آهي يا جيڪي نثري نظم لکڻ تي مهارت رکن ٿا اهڙن ئي شاعرن ۾ رحيمداد جوڳيءَ جو به شمار ٿئي ٿو، اسان جو هي سٻاجهڙو ساٿي ڪائنات جي سموري لقائن ۾ نثري نظم تلاش ڪندو آهي ۽ جتي به کيس نثري نظم نظر ايندا آهن اُنهن کي قلمبند ڪري وٺندو آهي، هي ڪتاب”ڪوتا تار تي ويٺل پنڇي“ رحيمداد جوڳيءَ جي عشق، جاکوڙ ۽ جستجو جو نتيجو آهي، ڊگهي عرصي کان سندس اها ڪوشش هئي ته مجموعي طور سنڌ جي سمورن اديبن ۽ شاعرن پاران لکيل نثري نظمن جو مجموعو آڻجي، پنهنجي انهي ڪوشش ۾ ڪاميابي تي جوڳيءَ کي کوڙ ساريون مبارڪون هجن. نثري نظمن جي هن خوبصورت مجموعي جو بيڪ ٽائيٽل ناليواري ليکڪ محمود مغل لکيو آهي، محمود مغل لکي ٿو ته”هٿن ۾ کڻڻ کان پوءِ ته محسوس ٿئي ٿو ته هي هڪ سهيڙ آهي ۽ ان کان وڌيڪ ڪجهھ به ناهي پر جي غور ڪجي ته رڳو اهو هڪ لفظ ”سهيڙ“ ڇا ڇا نٿو کڻي اچي؟ اهو احساس انهن کي ٿي سگهي ٿو جيڪي وکرجڻ جي دور مان گذري چڪا هجن. ڪڏهن ڪڏهن ته اهو عمل بي انتها ڏکوئيندڙ به هوندو آهي، نٿو ڄاڻان ته رحيمداد مختلفن شاعرن جي شاعري مان اها چونڊ ڪندي ڪيتري تڪليف ڀوڳي هوندي پر سمجهي سگهان ٿو ته اندر جي آبخورن ۾ ڪجهھ نه ڪجهھ ڀريو ضرور هونداين“. دنيا جو ڪو ڪم به محنت ۽ مشقت کانسواءِ مڪمل نه ٿو ٿي سگهي، هن ڪتاب کي توهان ۽ اسان جي هٿن تائين پهچڻ ۾ نه ڄاڻ الائي ته ڪيترا مرحلا پار ڪرڻا پيا آهن، هن ڪتاب جي سهيڙ ۾ آئون سمجهان ته ڪي ڏينهن نه لڳا هوندا، پر ڪي سال لڳا هوندا، رحيمداد جوڳيءَ جي سنڌي ادب ۾ بنيادي سُڃاڻپ وائي لکندڙ شاعر طور آهي. سُٺي وائي لکڻ سان گڏ هُو سُٺا ۽ بامقصد نثري نظم به لکي ٿو، سندس پهريون شعري مجموعو”رڻ ۾ رات ٺري“، وائي ۽ نثري نظم“ تي آڌاريل آهي. ان کان سواءِ سندس ٻيو شعري مجموعو”صحرا جي ڀاڪر ۾“ مڪمل طور تي نثري نظمن جو مجموعو آهي، نثري نظمن جي مجموعي”صحرا جي ڀاڪر ۾“ جي مهاڳ ۾ ناليواري شاعره عين سحر، رحيمداد جوڳيءَ متعلق لکي ٿي ته” مجموعي طور ڏٺو وڃي ته رحيمداد جوڳيءَ وڏين دعوائن کان پاسيرو ٿي، ننڍڙا ننڍڙا احساس ۽ خيال نثراڻي نظم جي ويس ۾ اسان سان ونڊي رهيو آهي، جن ۾ زندگي جون حُسناڪيون، الميا، درد ۽ حادثا ائين بيان ڪيل آهن جيئن تختيءَ (پٽيءَ) تي ا ب ت جا اکر اُتاريل هوندا آهن، اسان جي دعا آهي ته رحيمداد جيئن سوچي ۽ لکي ٿو، ائين ئي سدائين لکندو رهي“. نثري نظمن سان سندس انهيءَ چاھه اسان کي هي ڪتاب ڏنو آهي، جنهن ۾ مجموعي طور اوهان کي سڀني موضوعن تي مختلف شاعرن ۽ ليکڪن جا نثري نظم پڙهڻ لاءِ ملندا، جن کي پڙهڻ کانپوءِ اوهان نثري نظمن جي اهميت ۽ ضرورت کان آگاھه ٿي ويندا، رحيمداد جوڳيءَ جي انهيءَ ساڳي ڪتاب ۾ عرفان لنڊ جو رايو به اوهان کي پڙهايان ٿو، عرفان لنڊ لکي ٿو ته” رحيمداد جوڳيءَ تسلسل آهي ٻولي ۽ لولي جي مان رکندڙن جو، هي اهڙو ڪوي آهي جيڪو سادن لفظن ۾ پنهنجي ڳالهھ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندو آهي، هن جي تخليقن ۾ ماءُ جي لولي جي خوشبو هوندي آهي، جوڳيءَ وٽ موضوعاتي نواڻ به گهڻي مقدار ۾ آهي، هي انهن شاعرن مان آهي جيڪي گهڻا ڪتاب پڙهي ٿورو لکندا آهن، هن جا ڪجهھ نظم ته آئون وري وري پڙهندو آهيان. سدائين محبتون ورهائيندڙ اسان جو هي دوست اڄ جي دجالي دور ۾ دوستن، دوستين ۽ شاعريءَ کي سدائين پنهنجي دل ۾ رکندو آهي. رحيمداد، جوڳيءَ ته آهي ئي آهي پر ان سان گڏ هيءَ هڪ زاهد به آهي جيڪو ”جو دم غافل سو دم ڪافر“ وانگر آرٽ ۽ ان کي اظهارڻ جي آويءَ ۾ سدائين پچندو ٿو رهي. اسانجي سماج کي شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ نثر جي وڌيڪ ضرورت آهي ۽ نثر ئي آهي جيڪو سماج بدلائڻ ۽ سوچون تبديل ڪرڻ ۾ شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ملوث آهي. پوءِ به شاعريءَ جيڪو ڪم ڪري سگهي ٿي اهو وري نثر نه ٿو ڪري سگهي! جئين اسان جو شاھه يا سچل به ته شاعر هئا ۽ اياز کان استاد بخاري تائين سڀ شاعر ئي ته آهن ۽ اسان انهن جي ڪم کي ڪنهن به ريت نظر انداز نه ٿا ڪري سگهون. جوڳيءَ رحيمداد به ان لاٽ کي ٻاريندو پيو اچي شاعريءَ کي سدائين پنهنجي دل ۾ رکندڙ هن سچيت شاعر نثري نظم پڙهندڙن جي ضرورت کي ڏسندي هي ڪتاب”ڪوتا تار تي ويٺل پنڇي“ سهيڙيو آهي. سنڌي ادب ۾ اهڙي املهھ ڪتاب جي ضرورت هئي، جيڪا جوڳيءَ ڊگهي مسافتن کان پوءِ پوري ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو