ليکڪ: جيريمي بوون
گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان فلسطيني پنهنجي گهرن تان رهڻ تي مجبور هئا، ڇو ته ٻاهر نڪرڻ به موت جو سبب بڻجي سگهيو ٿي، هاڻ جڏهن جمعي تي ٿيندڙ سيز فائر کانپوءِ هو ٻاهر نڪتا ۽ کين پنهنجي علائقي ۾ چرپر جو موقعو مليو ته کين اندازو ٿيو ته اسرائيلي حملن سان ڪيتري تباهي ٿي آهي، اڪثر فرد انهن عمارتن جي ڍيرن جي چوطرف نظر آيا، جيڪي اسرائيلي فضائي حملن سبب ڪيرايون ويون هيون، ڪجهه علائقن ۾ ته ڪريل عمارتن جي مٽي سبب گهٽيون بند ٿي چڪيون هيون، بلڊوزر هلائيندڙ اهلڪار ڪلاڪن جا ڪلاڪ اها مٽي هٽائڻ ۾ مصروف هئا، انهن لاءِ اهي منظر شايد حيران ڪندڙ نه هجن، ڇو ته اهو سڀ ڪجهه ٽي وي چينلن تي ڪيترائي ڀيرا ڏيکاريو ويو هو، آئون غزه جي هڪ ڳوٺ خان يونس ۾ 9 ويڙهاڪن جي جنازي تي ويس، جن کي اسرائيلي حملي دوران حماس جي سرنگن جي نيٽ ورڪ کي نشانو بڻائڻ دوران ماريو ويو هو، اسرائيلي سياستدانن ۽ ڪمانڊرن جي دعويٰ آهي ته انهن غزه م حماس ۽ ٻين ننڍين ويڙهاڪ تنظيمن جي ويڙهاڪ انفرااسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، عمارتن کي ٿيندڙ نقصان ته ڏسي سگهجي ٿو، پر مون کي پاڻ زير زمين ملٽري ٺڪاڻن تائين وڃڻ جو اتفاق نه ٿيو اهي، پر هتي ٿيندڙ عام گفتگو مان اهو تاثر ملي ٿو، حماس کي ان ڳالهه جو ڌچڪو لڳو آهي ته اسرائيل زمين جي اندر محفوظ سرنگن جي نيٽ ورڪ ۾ موجود سندن ساٿين کي به مارڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، پر غزه ۾ انهن هٿياربند گروهن جي حمايت ۾ انهن 11 ڏينهن تائين جاري رهندڙ تڪرار دوران ڪا به گهٽائي ناهي ٿي، خان يونس ۾ ٿيندڙ جنازن ۾ ڪئين هزار ماڻهن شرڪت ڪئي، اهي جنازا ميدان ۾ پڙهيا ويا، جنهن کانپوءِ ماريل ويڙهاڪن جا لاش فلسطيني جهنڊن ۾ ويڙهي ريلي جي صورت ۾ قبرستان آندا ويا ۽ ان دوران نعريبازي به ڪئي وئي، پر اسرائيل ۽ حماس ٻئي ئي فتح جي دعويٰ ڪن ٿا، هڪ طرف اسرائيلي اڳواڻ انهن عمارتن جي لسٽ ڏيکارين ٿا، جيڪي انهن ڪيرايون آهن، حماس جي ويڙهاڪن ۽ ڪمانڊرن کي مارڻ جي دعويٰ ڪن ٿا ۽ پنهنجي آئرن ڊوم ميزائل ٽوڙ نظام جي ڪاميابي جا ڳڻ ڳائيندي نظر اچن ٿا، ٻئي طرف حماس لاءِ فتح جي تعريف دراصل بقا آهي، غزه ۾ سندن اڳواڻ يحيٰ سنوار سيز فائر جي ٻئي ڏينهن ئي پنهنجي ڳجهي هنڌ تان فاتحانه انداز ۾ ٻاهر آيو پر حماس ان دوران سياسي مقبوليت ۾ واڌ مان به مطمئن نظر اچي ٿي، غزه کان 60 ميل پري يروشلم ۾ قائم مسجد الاقصيٰ ۾ نماز کانپوءِ حماس جي حق ۾ نعرا لڳندا رهيا آهن، حماس فلسطينين تائين اهو پيغام پهچائڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي ته هو ڪنهن به قسم جي ويڙهه لاءِ ۽ يروشلم جي حقن لاءِ قربانيون ڏيڻ لاءِ تيار آهي، اسرائيل ان ڳالهه تي زور ڏئي رهيو آهي ته يروشلم جو سمورو حصو ان جو حقيقي ۽ اڻ ورهايل گادي جو هنڌ آهي، فلسطيني ان ڳالهه سان اتفاق نٿا ڪن، فلسطيني صدر محمود عباس کي عالمي طور تي فلسطينين جو اڳواڻ مڃيو وڃي ٿو، ڇو ته فلسطين لبريشن آرگنائيزيشن (پي ايل او) ۽ فلسيطني اٿارٽي جو سربراهه آهي جيڪا والاريل علائقن جو انتطام سنڀالي ٿي ۽ اها اها اٿارٽي آهي جنهن کي 1990ع جي اوسلو ٺاهن تحت هڪ آزاد رياست جي حڪومت ۾ تبديل ٿيڻو هو، پر فلسطيني پنهنجي صدر جي ڪارڪردگي مان بلڪل به خوش نه آهن، محمود عباس هلندڙ سال مئي ۾ ٿيندڙ چونڊون ان لاءِ معطل ڪري ڇڏيون هيون، ڇو ته انهن ۾ کيس يقيني شڪست جو خدشو هو، فلسطينين کي 2006ع کان پنهنجي صدر يا پارليامينٽ کي چونڊڻ لاءِ ووٽ جو حق ناهي ڏنو ويو، ان جي ابتڙ حماس طرفان هڪ سادو پيغام ”آخري ساهه تائين يروشلم لاءِ وڙهندا رهنداسين“ فلسطينين ۾ تمام گهڻو مشهور ٿيندو آهي، ڇو ته اهي پنهنجي صدر سان عالمي قانون ۾ غيرقانوني سمجهيو ويندڙ والاريل زمين يهودي آبادڪارين کي روڪڻ ته پري انهن جي رفتار ۾ گهٽتائي به نه آڻڻ سبب سخت ناراض آهن، اسرائيل ۾ وزيراعطم بن يامين نيتن ياهو هاڻ پنهنجي سياسي بچاءَ جي جنگ ٻيهر وڙهڻ جي ڪوشش ڪندو، جيڪا هو انهن 11 ڏينهن واري تڪرار کان اڳ وڙهي رهيو هو، نيتن ياهو تي هن وقت بدعنواني جو ڪيس هلي رهيو آهي ۽ الزامن جي نوعيت ايتري سنگين آهي جو هو پنهنجي پيش روم ايحود المرت وانگر جيل وڃي سگهي ٿو، 10 مئي تي جڏهن هن تڪرار جي شروعات ٿي ته وزيراعظم نيتن ياهو پنهنجي نوڪري وڃائڻ جي بلڪل ويجهو هو، اسرائيل ۾ ٻن سالن ۾ 4 بنا نتيجي واريون چونڊون ٿيون آهن،پر ان دوران نيتن ياهو ئي اقتدار ۾ موجود رهيو آهي، نيتن ياهو هڪ اتحادي حڪومت ٺاهڻ ۾ به ناڪام رهيو آهي، ڇو ته کيس پارليامينٽ مان ڪل 61 ووٽ ملي ناهن سگهيا، جيڪي اڪثريتي حڪومت بڻائڻ لاءِ ضروري هوندا آهن. سندس مرڪزي مخالف يائير لاپيد اتحاد ٺاهڻ ووٽ گڏ ڪري رهيو هو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ يا شايد ڪلاڪن ۾ ان ڳالهه جو اعلان ڪرڻ وارو هو ته ان وٽ حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ووٽ موجود آهن، لاپيد جا منصوبا ان تڪرار سبب پورا ناهن ٿي سگهيا، پر ان وٽ اڃا به موقعو موجود آهي، پر هاڻي شايد ٻن سالن ۾ پنجين چونڊ وڙهي ويندي. اسرائيل کي پنهنجي يهودي اڪثريت ۽ فلسطيني عرب اقليت سان گڏيل اتفاق راءِ سان به منهن ڏيڻو پوندو، فلسطيني عربن جي آبادي هتي 20 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي، نيتن ياهو جي ورهاست واري بيانيي ۽ انتهاپسند يهودي قومپرستن جي حمايت سبب صورتحال بد کان بدتر ٿي وئي آهي، اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ان کان اڳ ٿيندڙ ويڙهه وانگر هي سيز فائر به صرف هڪ توفق آهي،اهو تڪرار حل به نه ٿي سگهيو ۽ اهو منجمند به نه آهي، سيز فائر تيستائين قائم رهندو، جيستائين ايندڙ تڪرار ان جي مضبوطي جو امتحان نٿو وٺي، نئون تڪرار اسرائيلي پوليس طرفان يروشلم ۾ فلسطينين تي تشدد جي صورت ۾ يا غزه کان راڪيٽ فائر ٿيڻ تي ٻيهر شروع ٿي سگهي ٿو، اهو به ٿي سگهي ٿو، اهو ان ڪيس جي صورت ۾ هجي جهڙو والاريل اوڀر يروشلم ۾ موجود ننڍڙي ضلعي شيخ جراح ۾ يهودي آبادڪارن طرفان فلسطينين خاندانن کي شيخ جراح مان ڪڍڻ ئي ان تڪرار ۾ ڇڪتاڻ جو هڪ وڏو سبب بڻيو هو، ان ڪيس جو فيصلو ملتوي ڪيو ويو هو، جيئن معاملن کي ٿڌو ڪري سگهون، پر ان ڪيس کي خارج ناهي ڪيو ويو ۽ ان حوالي سان فيصلو هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور سامهون ايندو، اسرائيل جو عدالتي ٽائيم ٽيبل شايد ان سيز فائر کي برقرار رکڻ لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج ثابت ٿئي.