ليکڪ: خادم ڪلهوڙو
دنيا هن کي مدثر ڪلهوڙو جي نالي سان سڃاڻي ٿي، هو 1990ع جي ڏهاڪي کانپوءِ شروع ڪيل صحافتي سفر ۾ مدثر ڪلهوڙو بڻيو. جڏهن خيرپور ۾ سائين غلام عباس ڀنڀرو جي صحبت ۾ اچي صحافي ٿيو. جتي هن يوسف شاهين، شيخ اياز جهڙن قداور شخصيتن جي ادارت هيٺ شايع ٿيندڙ روزاني برسات اخبار جي رپورٽنگ شروع ڪئي. مدثر ڪلهوڙي پهرين جنوري 1976ع تي گمبٽ تعلقي جي سنڌو ڪناري قائم ڳوٺ صادق ڪلهوڙو ۾ حبيب الله ڪلهوڙو جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس والد حبيب الله ڪلهوڙو هڪ سکيو ستابو، مالوند، ٻني ٻاري وارو، حد درجي جو شريف انسان ۽ سمجهدار ماڻهو هو، مدثر ڪلهوڙو جو والد حبيب الله ڪلهوڙو منهنجي ناني جو ڀاءُ ۽ بابا سائين جو ڀيڻيوو هو. ان ڪري هڪ طرف منهنجو پڦڙ هو ته ٻئي طرف نانو به ٿئي پيو. هو پنهنجي تر ۽ دور جو تمام وڏو پيراڊو به هو. مدثر ڪلهوڙو جو گهراڻو دين سان گهڻو سلهاڙيل هو، مدثر ڪلهوڙو ۽ مان مائٽ هجڻ کانسواءِ ننڍپڻ کان آخري دم تائين گهاٽا دوست رهياسين. مدثر پرائمري تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ۽ سيڪنڊري تعليم هاءِ اسڪول رپڙي مان حاصل ڪئي، جنهن بعد هن ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور مان ڊپلوما ڪئي، هو مون کان عمر ۾ ٻه سال وڏو هو، انڪري تعليم ۾ به ٻه سال مٿي رهندو هو. 1990ع ڌاري خيرپور ۾ رهائش ڪيائين، جتي ٽيڪنيڪل ڪاليج ۽ ٻين ادارن ۾ پڙهندڙ ڪيترائي شاگرد سندس گهر ۾ رهائش پذير ٿيا. ڳوٺ دڙو ڪلهوڙو جو عالم علامه عبدالڪريم عباسي، مولانا محمد ادريس ڏاهري، مولانا دوست محمد جوڻيجو، استاد غلام اصغر عباسي دڙي وارو ۽ ڪافي نعت خوان سندس شعوري سگهه جو بنيادي محرڪ هئا. رپڙي هاءِ اسڪول ۾ پڙهائي دوران هو کاٽ ناريجا ڳوٺ ۾ رسول بخش ناريجو ۽ استاد مير محمد ناريجو وارن وٽ رهي پڙهيو. جڏهن ته ساڳئي وقت مان نوراجا ڀرسان ڳوٺ محمد موسيٰ ڪلهوڙو ۾ محمد ڪرڙ ڪلهوڙو ۽ فقير محمد ڪلهوڙو وٽ رهي پڙهيم، اسان ٻئي ڌار ڌار ڳوٺ ۾ رهندي به صبح جو اسڪول وڃڻ، شام جو واپس اچڻ ۽ هر خميس تي شام جو ڳوٺ گڏ ايندا ويندا هئاسين، مدثر جو ننڍپڻ کان ئي دين طرف لاڙو هوندو هو، عبادت جي ڪجهه خاص راتين ۽ جمعي جي ڏينهن مون سان گڏجي ڳوٺ جي مسجد ۾ لائوڊ اسپيڪر تي نعتون پڻ چوندو هو. مدثر راند کيڏڻ جو به ڪوڏيو هو. ڪوڏي ڪوڏي، ساري ٻلهاڙو، ونجهه وٽي ۽ اک ٻوٽ رانديون اسان گڏجي کيڏيون سين. اسڪول ۾ پڙهائي دوران گلو سيال جو استاد امتياز ڪلهوڙو، ڳوٺ شفيع محمد شاهاڻي جو استاد شفيع محمد شاهاڻي، استاد حاجي دين محمد شاهاڻي، استاد محمد صادق شاهاڻي، رپڙي جو استاد غلام قادر ڪلو، ڊاڪٽر بدرالدين پنهور، ڊاڪٽر محمد شريف پنهور، استاد نورالدين پنهور، تاج سروهي، وڏيرو عبدالڪريم پنهور سميت ڪافي ماڻهن سان سندس تعلق دوستاڻو ۽ احترام وارو رهيو. جڏهن ته سياسي لحاظ سان نعيم احمد کرل ۽ ٻين سان سندس ڪافي ويجهڙائپ رهي. 90ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ اسان ويهه اوڻويهه جي فرق سان خيرپور ۾ صحافت شروع ڪئي، مدثر ڪلهوڙو منهنجي لاءِ دوستي، زندگي ۽ صحافت جي پيچرن تي سدائين سينيئر وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو، خيرپور جي صحافين ۾ سائين غلام عباس ڀنڀرو ۽ غلام قادر سومرو سان سندس تعلق تمام گهڻو گهاٽو رهيو، سکر جي صحافين ۾ لالا اسد پٺاڻ، ممتاز بخاري، امداد بوزدار، امداد ڦلپوٽو، محب چانڊيو، ساحل جوڳي، تاج رند، خالد ٻانڀڻ، ايف اي سومرو، محب چانڊيو، مجيب ورند، رئوف عباسي، انس گهانگهرو، مشتاق ٽانوري، شوڪت نوناري، جميل مغل سميت سڀني سينيئر ۽ جونيئر دوستن سان ورڪنگ رليشن شپ رهي. مدثر ڪلهوڙو کي ادبي ڪتابن پڙهڻ جو شوق هوندو هو، غلام نبي آگرو، استاد بخاري، تنوير عباسي، سفرنامه نگار الطاف شيخ، يوسف شاهين ۽ ٻين کي ڪافي شوق سان پڙهندو هو. مدثر ڪلهوڙو ادبي ۽ سياسي طرز جي تنظيم ”سنڌ دوست فورم“ جو مرڪزي چيئرمين ۽ آئون ان جو سيڪريٽري رهيس. 2000ع واري ڏهاڪي ۾ مولانا شهاب الدين ڪٽوهر ادبي ڪانفرنس، مولانا غلام محمد گرامي ادبي ڪانفرنس، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ادبي ڪانفرنس، وڏيرڪي اتحاد مان سنڌ کي خطرا ۽ فائدا، پريمي جوڙن جا سماج تي اثر جي عنوان هيٺ ميڙاڪا ۽ ٻيون سرگرميون سنڌ دوست فورم جي پليٽ فارم تان ڪرايون ويون. صحافت ۾ هن ڪيترين ئي اخبارن ۾ پنهنجا فرض پڻ سرانجام ڏنا، کيس خبر لکڻ، خبر ڳولهڻ ۽ سرڪاري ادارن جي وچ ۾ ٿيل لکپڙهه وارن دستاويزن مان خبر ڳولهڻ جو هنر به خوب ايندو هو. هن ڪيتريون ئي دستاويزي فلمون به ٺاهيون، مدثر ڪلهوڙي رپڙي، خيرپور، سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ به صحافت ڪئي. مدثر ڪلهوڙو لاهور، اسلام آباد، ڪوهه مري، ناران، ڪاغان، ٺٽو، بدين، روپا ماڙي، ڊيرا بگٽي، سميت ملڪ جي ڪيترن ئي ريگستاني، جابلو ۽ شهري علائقن جا مشاهداتي دورا پڻ ڪيا. مختلف چينلن ۽ اخبارن ۾ سکر جو بيوروچيف هجڻ دوران کيس ڪافي تلخ تجربا پڻ ٿيا، مزاجن هو کل مک، يارن جو يار، تڪليف ۾ صبر ڪرڻ وارو، امن پسند ماڻهو هو، مٽن مائٽن پاران ڪيل ناانصافين ۽ بي واجبين کي وڏي ڌيرج، صبر ۽ دانائي سان منهن ڏيندو رهيو. 2007ع ۾ منهنجي مشوري ۽ ڪوششن سان سندس شادي ڳاڙهي موري واري علائقي مان سيٺ غلام شبير ڪلهوڙو جي نياڻي سان ٿي، جنهن مان کيس ٻن نياڻين عريشا مدثر، عريبا مدثر، ۽ ٻن پٽن مصور، مظفر جو اولاد آهي، هڪ سال اندر سندس ڪيترن ئي ويجهن عزيزن جي فوتگي، معاشي تنگدستي ۽ ڪجهه دوستن جي منهن موڙڻ سبب کيس سخت صدمو رسيو ۽ سندس ساهه سرير ۾ هو ۽ 26 مئي 2018ع واري اڀاڳي ڏينهن تي مدثر ڪلهوڙو اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. اڄ سندس ورسي جو ڏينهن آهي الله پاڪ کيس جنت نصيب فرمائيندو، يادن جا ته سيلاب آهن ڇا لکي ڇا لکان.