122

پاڻي کوٽ، پنجاب جي ارهه زورائي ۽ ارسا چيئرمين جي هلڪڙائي….

ايڊيٽوريل

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي صورتحال انتهائي سنگين ٿي وئي آهي ۽ تازن انگن اکرن موجب سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 42 سيڪڙو کان به وڌي وئي آهي، پاڻي جي وڌندڙ کوٽ سبب سنڌ ارسا کان چشما بئراج ڊائون اسٽريم تي پاڻي لاءِ نئون انڊنٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڊائون اسٽريم وٽ سڀاڻي کان هڪ لک 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي طلب ٻڌائي وئي آهي، هوڏانهن پنجاب ارسا جي هدايتن کي هوا ۾ اڏائيندي ٽي پي لنڪ ڪئنال کولي ڇڏيو آهي ۽ پنجاب پاران تونسا پنجند ڪئنال ۾ 500 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جنهن تي سنڌ جي ميمبر زاهد جوڻيجي سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته پنجاب فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ سڌي ريت ڏاڍ مڙسي جو مظاهرو ڪيو آهي، ارسا جي اجلاس ۾ ڪئنال نه وهائڻ جو فيصلو ٿيو هو، پنجاب ڪئنال کولي پاڻي جي جبري کڻت شروع ڪئي آهي، ڊائريڪٽر ريگيوليشن پاران پنجاب کي ٽي پي لنڪ ڪئنال ذريعي وڌيڪ پاڻي کڻڻ جو الزام هنيو ويو آهي ۽ مطالبو ڪيو ويو آهي ته لنڪ ڪئنال فوري طور بند ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، ارسا جو پڻ گذريل ڏينهن اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ تونسا ڪئنال مان پاڻي کڻڻ تي سنڌ جي ميمبر زاهد جوڻيجي سخت اعتراض واريو ۽ ڪئنال فوري طور بند ڪرڻ جي گهر ڪئي، جنهن تي ارسا چيئرمين سنڌ جي ميمبر سان بدتميزي ڪندي انگن اکرن بابت ڪتاب سندس منهن تي اڇلائي هڻي ڇڏيو آهي، اهڙي معاملي تي سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪيو ويو آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ آبپاشي واري صوبائي وزير سهيل انور سيال، مڪيش ڪمار چاولا، مير شبير بجاراڻي، اسپيڪر آغا سراج دراني، شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين سخت موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي به اها اجازت نٿي ڏئي سگهجي ته حق گهرڻ تي بدتميزي ڪري، جڏهن ته سنڌ ڪابينا جو اجلاس پڻ ٿيو آهي، جنهن ۾ پاڻي معاملي تي وفاق جي ڏاڍائي جي سخت لفظن ۾ نندا ڪندي ارسا چيئرمين کي هٽائڻ جي گهر ڪئي وئي آهي، اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر شاهه بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ جي پاڻي واري حق تان ڪنهن به صورت ۾ هٿ نه کڻنداسين، هن چيو ته ارسا چيئرمين سنڌ جي نمائندي سان بدتميزي ڪئي آهي، جيڪا برداشت نه ڪئي ويندي، سر جو جواب پٿر سان ڏينداسين، سنڌ جو پاڻي وارو حق هر صورت ۾ ورتو ويندو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ ان معاملي تي وفاقي حڪومت کي سنڌ کي پاڻي ڏيڻ ۾ رڪاوٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڻي بند ڪرڻ تي سنڌ جو عوام عمران خان کي معاف نه ڪندو. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ پاڻي واري معاملي تي حق تي آهي، ڇو ته صوبي اندر پاڻي جي کوٽ ان سطح تي پهچي وئي آهي جو هاڻ ٻهراڙين ته پري شهرن ۾ به پيئڻ جو پاڻي به ڏکيو ملي رهيو آهي ۽ پنجاب سدائين ارهه زورائي ۽ ڏاڍ مڙسي ڪندي سنڌ جو پاڻي غيرقانوني طور کڻي ٿو ۽ ان حقيقت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته موجوده وفاقي حڪومت هر پليٽ فارم تي سنڌ ۽ سنڌ واسين سان جيڪي ناجائزيون ڪري رهي آهي انهن ۾ تازو صوبي جو پاڻي بند ڪرڻ وارو عمل به شامل آهي، نيٺ هڪ اداري جي چيئرمين کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي ته هڪ صوبي جي مقرر ڪيل نمائندي سان ان قسم جي بدتميزي ڪري، ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو سنڌ جي 7 ڪروڙ عوام جو نمائندو آهي ۽ چيئرمين رڳو هڪ نمائندي نه پر 7 ڪروڙ عوام سان بدتميزي ڪئي آهي، ان ڪري اسان سنڌ حڪومت جي ان گهر جي حمايت ڪريون ٿا، اهڙي چيئرمين کي فوري طور هٽايو وڃي ۽ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، ان کان اڳ جو صوبي جو عوام هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻي لاءِ ڪنهن سخت احتجاج طرف نڪري وفاقي حڪومت کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو