بدين (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مريم نواز جي بيان کي نواز ليگ جي پاليسي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ڦلڪارا ۾ هاليپوٽا هائوس تي اڳوڻي ايم پي اي بشير احمد هاليپوٽو جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ پي ايس 70 ماتلي تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي ماڻڻ تي پيپلزپارٽي جي ايم پي اي محمد هاليپوٽو کي مبارڪون ڌيڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ مريم نواز يا نواز شريف جي اڳيان جوابده نه آهيون، اسين رڳو شهباز شريف جي موقف کي ئي اهم سمجهون ٿا، ڇو ته اهو ئي مسلم ليگ ن جو صدر ۽ مخالف ڌر جواڳواڻ آهي. ان جي ئي بيان کي ن ليگ جي پاليسي سمجهون ٿا، مون پي ڊي ايم جو شوڪاز نوٽيس ڦاڙيو هو، اڃان به پنهنجي موقف تي قائم آهيان، اسان عزت جي سياست ڪريون ٿا، مخالف ڌر جي دوستن کي حڪومت جي مخالفت ڪرڻ بدران پيپلز پارٽيءَ سان مقابلو ڪرڻ جو شوق آهي، اُهي پنهنجو شوق پورو ڪن، ماتلي جي دوري دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 91ع وارو معاهدو اسان تي مڙهيو ويو، پوءِ به اُن تي عمل نٿو ٿئي، سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاريون ٿا ته وفاق ۾ پروپئگنڊا شروع ٿي وڃي ٿي، اتفاق راءِ سان پاڻي جي نئين معاهدي جي ضرورت آهي ته جيئن سڀني کي انصاف سان پاڻي ملي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي گهرو وزير سنڌ ۾ امن وامان جي معاملي تي سياست ڪري رهيو آهي پر کيس اسلام آباد ۾ امن و امان جي بگڙجندڙ صورتحال کي ٺيڪ ڪرڻ گهرجي، سنڌ پوليس جا جوان سنڌ جي امن کي بهتر ڪرڻ جي طاقت رکن ٿا. ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ضلع بدين ۾ پاڻي چوري ٿيڻ جي شڪايت پڻ ڪئي وئي جنهن تي بلاول ڀٽو شڪايت ڪندڙن کي چيو ته توهان آبپاشي واري وزير کي هتان وٺي وڃي ۽ جتي به پاڻي چوري ٿي رهيو آهي کيس اها ڏيکاريو، جيڪڏهن هن پاڻي جي اها چوري نه روڪي ته هو وزير ئي نه رهندو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو ضلع بدين جي سم نالن جي کاٽي جلد ڪرائڻ جي پڻ پڪ ڏياري ۽ چيو جلد سم نالن جي کاٽي ڪرائي ويندي.
207