ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير جو احترام ڪريون ٿاپر وزيراعظم کي اهائي رپورٽ ڏيندس جيڪا حقيقت تي ٻڌل هوندي. سنڌ ۾ گورنر راڄ نه لڳندو ، اهڙو ڪو به امڪان نه آهي. اهڙو اظهار هن امن و امان جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي سنڌ جي دوري تي روانو ٿيڻ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته هڪ ڳالهه چٽي ٿو ڪريان ته آئون ڪنهن مشن تي نه آهيان، سنڌ ۾ امن وامان جو وڏو مسئلو آهي. امن وامان سنڌ حڪومت جو مسئلو آهي. آئون ان معاملي تي سڀاڻي (اڄ ) سنڌ جي وڏي وزير ۽ گورنر سان اڪيلائي ۾ ملندس. امن وامان قائم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، ان معاملي ۾ مراد علي شاهه سان گڏ آهيون، اهو وفاق کان ان معاملي ۾ جيڪا مدد گهرندو سا ڪنداسين. هن چيو ته تاثر اهو پيو ڏنو وڃي ته ڄڻ سنڌ سڙي پئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ نه لڳندو ان جو ڪو به امڪان نه آهي، اهڙيون ڳالهيون غلط آهن. آئون هتي دوري تي آيو آهيان ۽ لاڳاپيل ذميوارن سان ملاقات ڪري ان بابت وزيراعظم کي رپورٽ پيش ڪندس. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪراچيءَ مان منشيات کي ختم ڪرڻ جي ذميواري آئون ٿو کڻان پر امن وامان جي ذميواري سنڌ حڪومت جي آهي. سنڌ ۾ امن وامان جو وڏو مسئلو آهي.
193