اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي ترين گروپ جي قومي اسيمبلي جي ميمبر راجا رياض چيو آهي ته علي ظفر جي رپورٽ تي جهانگير ترين کي ڪلين چٽ ملي وئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نيوٽرل امپائر جهانگير ترين جي حق ۾پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، اسان شروع کان اهو چئون پيا ته رپورٽ ۾ ان جي تصديق ٿي وئي، هن چيو ته اها رپورٽ جهانگير ترين خلاف سازشون ڪندڙن جي منهن تي چماٽ آهي.
