اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ارسا جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اهو مشاهدو ڪيو ويو آهي ته دريائن ۾ پاڻي جي سطح وڌيڪ 18800 ڪيوسڪ گهٽ ٿي وئي آهي، اهو به نوٽ ڪيو ويو آهي ته تربيلا ڊيم ايندڙ هڪ کان ٻن ڏينهن ۾ پنهنجي ڊيڊ ليول تائين پهچي سگهي ٿو. اها حالت ڏسي، ارسا سمجهي ٿي ته ايندڙ ڏينهن ۾ صوبن جو پاڻي وارو حصو گهٽ ٿي سگهي ٿو. اهو پڻ محسوس ڪيو ويو ته ايندڙ ڏينهن ۾ پاڻي جي کوٽ جيڪا 24 مئي تي 17 سيڪڙو هئي، سا اڃان به وڌي سگهي ٿي، صوبن کي ان صورتحال کان آگاھ ڪيو ويو آھي.
170