191

غريب ماڻهن تي تشدد جي وڊيو ڏٺي آهي،هاڻي ڌاڙيلن کي نه ڇڏيو ويندو:وزيراعظم

ليه(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غريب ماڻهن تي تشدد جي وڊيو ڏٺي آهي،هاڻي ڌاڙيلن کي نه ڇڏيو ويندو، ليه ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪنهن به مقامي ماڻهن کي پريشان ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي،پوليس جي مدد لاءِ رينجرز به هوندي، ڌاڙيلن جي غريب ماڻهن تي تشدد جي وڊيو ڏسي افسوس ٿيو،هاڻي ڪنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ سان صحت جو نظام بهتر ٿيندو،خانگي شعبي جي دلچسپي پڻ وڌندي.خانگي شعبي کي اسپتال جي تعمير لاءِ سرڪاري زمين فراهم ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو