اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ڪيس جي ٻيهر ٻڌڻي لاءِ حڪومت درخواست داخل ڪرايون پر سپريم ڪورٽ اعتراض هڻي اهي واپس ڪري ڇڏيون. سپريم ڪورٽ ۾ اهي درخواستون صدر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان، قانون واري وزير فروغ نسيم ۽ شهزاد اڪبر داخل ڪرايون هيون پر سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار سمورين نظرثاني جي درخواستن تي اعتراض هڻي واپس ڪري ڇڏيون. اهڙي ريت عدالت جي اعتراض سبب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ڪارروائي لاءِ حڪومت جي ٻي ڪوشش به ناڪام ٿي وئي.سپريم ڪورٽ درخواستن تي اهو اعتراض ڪيو ته هڪ ئي ڪيس ۾ نظرثانيءَ جون درخواستون ٻه ڀيرا نه ٿيون ٻڌي سگهجن.
