اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻو گهرو وزير چوڌري نثار پنجاب اسيمبلي جي ميمبر طور حلف کڻي ورتو آهي، اڳوڻو گهرو وزير 2 سال 10 مهينن بعد اسيمبلي ميمبر طور حلف کنيو، قائم مقام اسپيڪر سردار دوست محمد مزاري چوڌري نثار کي حلف کڻايو، ياد رهي ته چوڌري نثار آزاد حيثيت ۾راولپنڊي جي تڪ تان چونڊيو هو. هوڏانهن چوڌري نثار حلف کڻڻ بعد سردار اياز صادق جي گهر پهتو، جتي سندس اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو ويو. ملاقات دوران سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
128