128

ڪنهن به پريشر گروپ کي حڪومتي پاليسي ڊڪٽيٽ ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين:شاهه محمود

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪنهن به پريشر گروپ کي حڪومتي پاليسي ڊڪٽيٽ ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن واري ڪاميٽي سان ورچوئل ملاقات ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان کي توهين رسالت بابت قانون جي حوالي سان يورپي پارليامينٽ ۾منظور ٿيل قرارداد تي مايوسي ٿي، چڙ پکيڙڻ،ڀڙڪائڻ،نفرت پکيڙڻ ۽ تشدد جي اجازت نه ڏني ويندي،عالمي سطح تي ان خلاف قرارداد اچڻ گهرجي، هن چيو ته دنيا پرڏيهين ۽ اسلام فوبيا خلاف وڌندڙ لهر جو مشاهدو ڪري پئي،ان عمل کي روڪڻ لاءِ گڏيل تحرڪ وٺڻو پوندو، هن وڌيڪ چيو ته ڀارت سميت سمورن پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا،بدقسمتي سان انڊيا امن ڪوششن جو ان جذبي سان جواب نه ڏنو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو