ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ ڪورونا ڪيسز جي تعداد گهٽجي رهي آهي، جنهن ۾ عوام جي تعاون جا ٿورائتا آهيون، وڏي وزير جي صدارت ۾ ڪورونا صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبي ۾ ڪورونا جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 22043 ٽيسٽ ڪيا ويا، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي، ان ٽيسٽن ۾ 1293 ڪيس پازيٽيو آيا، جيڪي 5.9 سيڪڙو تشخيصي تعداد آهي، اجلاس ۾ چيو ويو ته سختي ڪرڻ سان ڪيسز جي تعداد ۾ گهٽتائي ٿي آهي، اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته هاڻ ڪيسز گهٽ ٿين پيا، تعاون تي عوام جا شڪر گذار آهيون، عوام تعاون جاري رکيو ته اسان جلد ڪورونا جي پکيڙ کي روڪي سگهون ٿا، هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڪيسز جي شرح 8.34، حيدرآباد ۾ 4.42 ۽ ٻين ضلعن ۾ 3.3 سيڪڙو آهي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪروونا بابت صوبائي حڪومت جون پابنديون جاري رکيون وينديون، ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪورونا ڪيسز جي شرح گهٽ ٿي 8.34 سيڪڙو ٿي وئي آهي ۽ حيدرآباد ۾ به شرح گهٽ ٿي 4.42 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.
101