ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪارا عائزه خان کي به ٽڪ ٽاڪ جو چسڪو لڳي ويو، پنهنجو اڪائونٽ ٺاهي ورتو ۽ مداحن لاءِ هڪ وڊيو به شيئر ڪئي آهي. اداڪارا پنهنجي ٽڪ ٽاڪ جي آئي ڊي انسٽاگرام تي شيئر ڪري مداحن کي فالو ڪرڻ جو چيو، جڏهن ته عائزه خان پنهنجي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ تي نئين پروجيڪٽ ”گيتي“ جو نالو رکيو آهي.
