ليکڪ: نثار ناز رڪ
سکرجي ڊي ايس ريلوي ڊويزن جي مختلف شهرن ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ورتل پاڻمرادونوٽيس ڪيس نمبر 18-2011 ع تاريخ 19جنوري2012ع جو حوالو ڏيندي17 مئي کان وٺي سوين ڪچين آبادين ۽ ڳوٺ آباد اسڪيمن تحت ويٺل رهواسين کي سندن اڏاوتون غيرقانوني ڄاڻائيندي جلد ڊاهڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا آهن، جڏهن ته روهڙي جي لوڪو شيڊ ،ڳوٺ سليم آباد،ڳوٺ لال بخش مهتم، نيويارڊ ،ڳوٺ علي شيرشيخ،ڳوٺ چوهاڻ ،بيدل بيڪس ڪالوني،جتوئي ڳوٺ،روهڙي اسٽيشن ۽ٻين علائقن ۾ ريلوي انتظاميا لاهور، ملتان ۽ خانيوال سميت وڏي تعداد ۾ اهلڪارن سميت ليڊيز پوليس ۽ سون جي تعداد ۾ گينگ مين ريلوي سکر ڊويزن ۾ طلب ڪري ورتا آهن ۽ پهرين مرحلي ۾سون جي تعداد۾ دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، جن مان ڪيترن ئي متاثرين دڪاندارن کي سامان ڪڍڻ جي به مهلت ناهي ملي، ريلوي جي اهڙي ڪارروائي کي گرينڊ آپريشن سڏيو پيو وڃي ، اهڙي گرينڊ آپريشن جو ٻيو مرحلو 28مئي 2021ع کان شروع ٿي رهيو آهي، جنهن تحت ريلوي جي خالي پيل زمين تي رهائشي جايون ڊاٺيون وينديون، ڏٺو وڃي ته هزارن جي تعداد ۾ پورهيت طبقو، ٽڪرٽوڙ ڏهاڙي دارمزدور، ريلوي جا رٽائرڊ ننڍا ملازم جيڪي رٽائرد ٿيڻ بعد رٽائرمينٽ واري مليل رقم مان پنهنجا اجها انهيءَ آسري تي اڏي ويٺل هئا ته بيڪار پيل ريلوي زمين ڪنهن ڏينهن ريلوي انتظاميا کين ليز ڪري ڏيندي جن مان ڪيترن وٽ ليزون هجڻ جو پڻ ٻڌايو پيو وڃي، اهڙين ريلوي ڪالونين ۾ جيڪي غير قانوني آباديون ڄاڻايون ويون آهن تن کي 50سالن کان وڌيڪ عرصو آباد ٿيندي گذريو آهي ۽ اتي بجلي جي سهولت ڏئي ريلوي انتظاميا ريلوي جا ميٽر پڻ لڳائي ڏنا ويا آهن، ريلوي جي بجلي کانسواءِ ڪيترن ئي علائقن ۽ پاڙن ۾ سيپڪو پاران بجلي جي فراهمي ميٽرن وسيلي ٿيل آهي، ان کانسواءِ اٽڪل 25ورهيه اڳ جڏهن ريلوي ڪالوني کي گيس جي سهولت نه هئي ته ڀروارين ڪچين آبادين کي گيس بجلي، پاڻي، تعليم روڊن ۽ رستن سميت پي ٽي سي ايل جون سهولتون لوڪل ضلعي انتظاميا ۽صوبائي حڪومت ميسر ڪيون ھيون. ٻڌايو پيو وڃي ته هاڻوڪي ڊي ايس سميت ٻين تازو مقرر ڪيل عملدارن کي ريلوي وزارت خاص ٽاسڪ ڏيندي فري هينڊ ڏنو آهي ته اهي فورسز ۽ عملي سان گڏ طاقت جو استعمال ڪندي ڪچيون آباديون ڊاهين، چوڻ وارا چون ٿا ته ڪجهه ڏهاڙا اڳ وفاقي حڪومت جي اهم شخصيت سان مقامي اڳواڻن، سکر جي بااثر سردارن ۽ اتحادين جي ملاقات ان ڳالهه جي ڪڙي آهي، جنهن ملاقات بعد سوين ماڻهن جادڪان ڊاهي هن ڪورونا وبا جهڙي ڳنڀير صورتحال ۾ کين بيروزگار ڪري سندن معاشي قتل ڪيو پيو وڃي وفاق ۾ سنڌي ماڻهن لاءِ روزگارجا دروازابند هجڻ ۽ ويتر موجوده ڪاروبار جا ذريعا ۽ گھرن جي ڇت کسجڻ ڪري هزارين فرد بيروزگار ٿيندا ۽ بدامني وڌندي. گرينڊ آپريشن ذريعي بيروزگار ۽ بي گهر ٿيندڙن جي اڪثريت جو تعلق پ پ سان آهي ۽ اها به ڄاڻ ملي آهي ته تڪ تان چونڊيل نمائندي ۽ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ريلوي جي آپريشن بابت سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ وڏي وزير ۽ ڪابينا ميمبرن کي عوامي خدشن بابت آگاهي ڏيندي وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري آپريشن روڪرائڻ لاءِ زور ڀريو آهي، جنهن بعد ٻڌايو پيو وڃي ته آپريشن هڪ هفتي ملتوي ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي معزز چيف جسٽسس سميت هاءِ ڪورٽ سنڌ جي چيف جسٽس کي اپيل آهي ته ريلوي انتظامياکان ليز جا دستاويز طلب ڪيا وڃن ڇوته ڪراچي کان ڪمون شهيد تائين ريلوي انتظاميا هزارين ايڪڙ زمين تي پنهنجو قبضو ڄاڻايون ويٺي آهي ان معلومات جو پتو لڳايو وڃي ته برطانيا جي دور حڪومت اٽڪل 1861ع ۾ انگريزن بمبئي سرڪار کان گذارش ڪندي ريلوي جي استعمال لاءِ زمين ليز تي حاصل ڪئي هئي.جڏهن ته وري سن 1935ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪري ورهايو ويو ھو جنهن کانپوءِ سن 1947ع ۾پاڪستان جو وجود پيو ان بعد ڇا ريلوي انتظاميا پاڪستان سرڪار يا آئين ٺهڻ بعد صوبائي خودمختياري کي نظر ۾ رکندي سنڌ سرڪار جي صوبائي حڪومت کان زمينن جي استعمال جا اجازت نامه يا ليز حاصل ڪئي آھي يا نه؟ جي ها ته اها ظاهر ڪئي وڃي، ٻيو ته تعليم، صحت ۽ صفائي سميت اسٽريٽ لائيٽ تائين جون سهولتون سنڌ حڪومت ۽ ان جا ماتحت ادارا ڪيترن ئي سالن کان وٺي فراهم ڪري رهيا آهن ڏٺو وڃي ته ڊي ايڇ اي ڪينٽونمنٽ بورڊ جن ۾ چونڊون الڳ الڳ سندن انتظامن هيٺ ڪرايون وڃن ٿيون اهي پنھنجن علائقن جي پاڻ سارسنڀال ڪن ٿا پر ريلوي ڪالونين ۾ صوبائي حڪومتن پاران مقاني چونڊون ڪرايون وينديون آهن .ان کانسواءِ ڪيترن ئي ورهين کان ريلوي جي ايراضي ۽ ڀرپاسي جي ڪچين آبادين ۾ جمع پونجي مان گهرجوڙي ويٺل مزدورن ، رٽائرڊ ملازمن ۽ ٻين رهواسين جي حال تي رحم کائي عدالتون هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻمرادو نوٽيس وٺن ۽ ڪچين آبادين کي بچايووڃي.