112

گيم پلان تبديل به ٿي سگهي ٿو

ليکڪ: عاصمه شيرازي

سادي صفحي تي لکيل تحرير کي پڙهڻ جا انداز الڳ آهن، لکڻ وارو جڏهن تحرير پيچيده بڻائي ڇڏي ته هر گذرندڙ ڏينهن حالتن کي وڌيڪ مشڪل ۽ امڪانن کي ناممڪن بڻائي ڇڏي ٿو، عالمي سياست ۽ ان ۾ خطي جي سياست ۽ ان سان جڙيل اسان جي مقامي سياست سڀ هڪ لڙهي ۾ آهن، هڪ سادي تصوير ته اها آهي ته آمريڪا افغانستان مان نڪري رهيو آهي ۽ ان کي وڃڻ لاءِ پاڪستان جي مدد به گهرجي، پاڪستان مدد ڪرڻ لاءِ به تيار آهي، پر شرطون ڪهڙيون آهن؟ بساط وڇائجي چڪي آهي ۽ سڀ رانديگر ان راند جي چئني طرفن کان پنهنجي پنهنجي راند سجائي رهيا آهن، اهڙي ماحول ۾ قومي ۽ عالمي قوتون پنهنجن پنهنجن آپشنن تي نظر رکي ويٺل آهن، ڇو ته هر واقعو يا معاملو تنها ناهي ٿيندو ۽ نه ئي ان جا نتيجا جدا جدا هوندا آهن، اهو بحث ته عالمي سطح تي ڪهڙا معاملا آهن ۽ اسان راند ۾ ڪنهن جا ضامن هونداسين، هڪ طرف جڏهن ته ٻئي طرف قومي سياست هڪ بيٺل پاڻي وانگر ٿيندي پئي وڃي، جنهن ۾ هلچل نه هجي ته سينور چڙهي وڃي ٿو، شهباز شريف جي واپسي کانپوءِ سياست ۾ ڪنهن قدر هلچل پيدا ٿي آهي، ڪنهن دعا ڏني ۽ ڪو سڙي ويو واري چوڻي وانگر شهباز شريف جون سياسي مشڪلاتون وڌي ويون آهن، بنا مقصد جي مخالف ڌر جو ڪهڙو ڪم؟ جڏهن ته (ن) ليگ جي سياست ۾ بازي کيڏڻ جي شرط ڪنهن جي هٿ ۾ آهي واري ڪنفيوزن به الڳ آهي، اهڙي حالت ۾ (ن) ليگ جا اندروني معاملا هڪ خاص هنڌ تي اچي رُڪجي ويا آهن، (ن) ليگ ۽ مخالف ڌر حڪومت مخالف بيانيو ٺاهڻ چاهيو ٿي ۽ ٺاهي ڇڏيو، حڪومت جي ڪارڪردگي تي عوام جي راءِ بڻائڻ چاهي ٿي، بڻجي وئي، حڪومت مخالف تحريڪ هلائڻ چاهي ٿي، نه هلائي سگهيا، سبب مختلف آهن، (ن) ليگ الزام پيپلزپارٽي تي هنيو ته استعيفيٰ نه ڏئي رهيا آهن ۽ ائين الزام در الزام جو سلسلو شروع ٿيو، پي ڊي ايم ٽٽي وئي ۽ مخالف ڌر تسبيح جي داڻن وانگر وکري وئي، پي ڊي ايم ٽٽڻ جو فائدو حڪومت ۽ طاقتور حلقن کي ٿيو يا نه مخالف ڌر جي اتحاد ان جو نه ڀرجي سگهڻ جهڙو نقصان ضرور ٿيو، ان اتحاد هڪ اهڙو ماحول بڻائي ڇڏيو هو جو طاقتور هلڪا هڪ قدم پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿي ويا هئا ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت زور ۽ شور سان بيان ٿيڻ لڳي هئي، ان دوران شهباز شريف آزاد ٿي ويو، شهباز شريف ڪنهن ڳالهه ٻولهه جو حصو هو يا نه پر کيس لنڊن وڃڻ کان روڪڻ ٺيڪ اهڙي طرح اهميت اختيار ڪري ويو جهڙي طرح چوڌري نثار جو پاڻمرادي گهيري مان نڪرڻ ۽ ٽن سالن کانپوءِ اسيمبلي جي حلف جي حامي ڀرڻ، خبر هئي يا نه پر ان کي حلف کان روڪڻ ڪنهن اهم پلان جو پتو ضرور ڏئي ويو، شهباز شريف سياست ۾ مختلف آپشنن سان هڪ ڀيرو ٻيهر متحرڪ ٿيو، 3 سال اڳ جنهن نامڪمل پلان سان معاملا شروع ٿيا هئا، ان جا سرا ٻيهر جوڙيا ويا پر ان راهه ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون آهن ۽ پهرين مشڪلات کي کيس گهر کان ئي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، مريم نواز (ن) ليگ جي سياست ۾ انتهائي اهم ڪردار بڻجي وئي آهي، پر اها ۽ مولانا پي ڊي ايم، جڏهن ته شهباز شريف وري پارلياماني واري سياست ۾ مخالف ڌر جو مرڪز بڻجي رهيا آهن، هڪ ئي پارٽي ۾ به الڳ الڳ سياسي ڪردار وجود ۾ اچي چڪا آهن، پر جماعت اثر ۽ رسوخ ڪنهن جو هوندو، اهو فيصلو جلد نواز شريف کي ئي ڪرڻو آهي.  هر گذرندڙ ڏينهن سان مخالف ڌر جا آپشن محدود ٿيندا پيا وڃن، پيپلزپارٽي وچ مدتي تبديل جي راهه هموار ڪرڻ چاهي ٿي، جڏهن ته (ن) ليگ عارضي سيٽ اپ جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار نظر نه پئي اچي، اهڙي صورتحال ۾ شهباز شريف کي پنهنجي پارٽي اندر گهٽ ۾ گهٽ پنجاب چونڊن کان اڳ ماحول تيار ڪرڻو آهي، جڏهن ته نواز شريف ان کي مريم نواز جي سياست سان مشروط ڪرڻ چاهي ٿو، شهباز شريف جي لنڊن ياترا جي اهم فيصلن ۾ هڪ معاملو اهو به آهي ته پاڪستان ۾ پارٽي ڪنهن جي هٿ ۾ هجڻ گهرجي ته جيئن هڪ ذهن سان سياست ڪري اڳتي جي حڪمت عملي ترتيب ڏني وڃي، جماعت رائيونڊ، لنڊن ۽ ماڊل ٽائون کان نڪري مفاهمت جي بيانيي سان ڪنهن ڊيل جو نه ته گهٽ ۾ گهٽ چونڊن کان اڳ اسيٽبلشمينٽ سان بهتر لاڳاپن جي نتيجي ۾ هڪجهڙن موقعن ۽ سلوڪ جي راهه هموار ڪري سگهي، ان ۾ ڪاميابي يا ناڪامي ٻنهي صورتن ۾ (ن) ليگ لاءِ انتهائي اهم هوندي، جون جي مهيني ۾ جتي حڪومت کي هڪ سٺي بجيٽ ڏيڻي آهي ۽ اها ان ڪوشش ۾ آهي ته اها هڪ چونڊ بجيٽ ڏئي سگهي، جنهن ۾ هڪ طرف ترقياتي فنڊن سان سياسي خوشنودي ۽ ٻئي طرف عوامي حمايت به حاصل ڪري سگهجي، معاشي انگ اکر به ڪرشماتي ته ڇا پر معجزاتي طور تي پيش ٿيڻ لڳا آهن، مطلب ته هر طرح سان حڪومت پاڻ کي چونڊن لاءِ تيار ڪري رهي آهي، چوڌري نثار هجي يا جهانگير ترين گروپ، شاهه محمود قريشي جو حلقه احباب هجي يا (ن) ليگ جو مزاحمتي بمقابلا مفاهمتي بيانيو اهي سڀ رڳو آپشن جي طور تي ئي رهندا، حالتون تيزي سان تبديل ٿي رهيون آهن، معمولي معاشي سهارو ڀلي ڪنهن به قيمت تي هجي، اپوزيشن جي ٽرين مس ڪرائي سگهي ٿو، پر شهباز شريف ۽ پيپلزپارٽي مفاهمتي بيانيو گيم پلان اڃا به تبديل ڪري سگهي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو