103

بڪتربند ۾ سوراخ ڪندڙ ڌاڙيلن جو ”ڏهه ڇڪو“ ۽ سنڌ پوليس…؟؟

ليکڪ: رياض سهيل

منهنجي اکين آڏو انهن ساٿين جي گوشت جا ٽڪرا اڏي ڪريا جن سان آئون 8، 9 سالن کان گڏ ڪم ڪري رهيو هئس، آپريشن دوران نه پيءُ، نه ماءُ ۽ نه ئي وري ڪو ڀاءُ گڏ هوندو آهي، اهي پوليس جا ساٿي هوندا آهن، جيڪي هڪٻئي جو خيال رکندا آهن، سجاد چانڊيو شڪارپور پوليس جو اهلڪار آهي ۽ هو ان بڪتربند گاڏيءَ ۾ سوار هو جنهن تي 4 ڏينهن اڳ ڌاڙيلن جديد هٿيارن سان حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار ۽ هڪ فوٽو گرافر موت جي ور چڙهي ويا، سجاد چانڊيو جي آچر واري ڏينهن هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جيڪا هن ان بڪتربند گاڏي جي اندران رڪارڊ ڪئي، جنهن ۾ هو اعليٰ آفيسرن کي بچائڻ جي اپيل ڪري رهيو هو ۽ ٻڌائي رهيو هو ته سندس 3 ساٿي شهيد ٿي چڪا آهن، باقي 2 بچيا آهن، ان دوران ٻاهر کان فائرنگ ۽ بڪتربند گاڏيءَ تي گوليون لڳڻ جا آواز به ٻڌڻ ۾ آيا پئي، ان وڊيو ۾ هن لاش به ڏيکاريا ۽ چيو ته اها بس سندس آخري وڊيو آهي، سجاد چانڊيو ۽  ٻين اهلڪارن کي ٻي نفري پهچي ريسڪيو ڪيو، سجاد ٻڌايو ته هو ڳڙهي تيغو ڪئمپ تي گڏ ٿيا ۽ ان کانپوءِ قافلي جي صورت ۾ ڪچي لاءِ روانا ٿيا، هن ٻڌايو ته هو هڪ دائري جي صورت ۾ اڳتي وڃي رهيا هئا، اڃا 15، 20 منٽ ئي هليا هوندا ته سندن بڪتربند گاڏيءَ تي فائرنگ ڪئي وئي ۽ هڪ گولي ڊرائيور جون ڄنگهون چيريندي گاڏي جي ليور ۾ لڳي، جنهن کانپوءِ گاڏي نه اڳتي وڃي رهي هئي نه پوئتي، هو بيوس ٿي ويا ۽ انهن مٿان فائرنگ جاري رهي، هن ٻڌايو ته ان حملي دوران بڪتربند جي مٿان جيڪو مورچو هو، ان جو شيشو به ٽٽي پيو ۽ هڪ راڪيٽ اندر اچي ويو، جنهن سان سندس وڌيڪ 2 ساٿي شهيد ٿي ويا، ڌاڙيلن زمين ۾ خندقون کوٽي مورچا ٺاهيا هئا، جتان هو فائرنگ ڪري رهيا هئا، هن ٻڌايو ته بڪتربند ۾ رابطي لاءِ واڪي ٽاڪي نظام هوندو آهي، پر اهو به ڪم نه ڪري رهيو هو، جڏهن ته موبائل نيٽ ورڪ به ڪمزور هو، اسان سمجهيو ته هي زندگي جو آخري ڏينهن آهي، ان ڪري وڊيو ٺاهي پنهنجي پوليس گروپ ۾ موڪلي ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي پوليس آفيسر واپس آيا ۽ انهن اسان جي بڪتربند گاڏي کي ٻيون بڪتربند لڳائي دروازو کولڻ جي ڪوشش ڪئي، جيئن ئي دروازو کليو ٿي فائرنگ سخت ٿي ٿي وئي، اهڙي طرح ڪوشش ڪندا رهيا ۽ ان کانپوءِ کين ڪاميابي سان ريسڪيو ڪيو ويو ۽ جيڪي شهيد ٿي چڪا هئا، انهن کي اتي ئي ڇڏيو ويو، حملي جو شڪار ٿيل بڪتربند گاڏي گولين سان چٿيل نظر اچي ٿي، جڏهن ته ان ۾ هڪ گولي به ڦاٿل آهي، پر اهو پهريون واقعو نه آهي، جنهن ۾ بڪتربند تي حملو ڪيو ويو هجي، 2 جون 2019ع تي شڪارپور ۽ سکر جي ڪچي واري علائقي شاهه ٻيلي ۾ انسپيڪٽر غلام مصطفيٰ ميراڻي، اي ايس آءِ ذوالفقار ۽ اي ايس آءِ غلام شاهه به مارجي ويا هئا. اهي ٽئي به هڪ بڪتربند ۾ سوار هئا، ڪجهه مهينن کانپوءِ 22 آگسٽ تي ڳڙهي تيغو ۾ آپريشن دوران حملو ٿيو، جنهن ۾ ڊي ايس پي رائو شفيع الله شهيد ٿيو، مقامي ميڊيا جي رپورٽن مطابق ان جي شهادت به بڪتربند جي اندر ٿي، جڏهن ته پوءِ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته ڊي ايس پي جي شهادت بڪتربند گاڏي کان ٻاهر ٿي هئي. ڪراچي ۾ 2012ع ۾ لياري آپريشن دوران 3 بڪتربند گاڏيون حملي ۾ متاثر ٿيون هيون، جن ۾ هڪ ايس ايڇ او سميت درجن جي لڳ ڀڳ اهلڪار شهيد ٿيا هئا، ان کانپوءِ ميڊيا ۾ انهن بڪتربند گاڏين جي ساخت تي سوال اٿاريا ويا هئا، سنڌ پوليس طرفان هيوي انڊسٽريز ٽيڪسيلا مان انهن بڪتربند گاڏين جي خريداري ڪئي وڃي ٿي، 2012ع ۾ لياري واري واقعي کانپوءِ هيوي انڊسٽريز ٽيڪسيلا انهن الزام کي رد ڪيو هو ۽ ٻڌايو هو ته سنڌ پوليس انهن کي وڌيڪ 32 بڪتربند گاڏين جو آرڊر ڏنو آهي، جڏهن ته بي سيون بڪتربند گاڏين کي ان آپريشن دوران نقصان پهتو آهي، ياد رهي ته پاڪستان جي دفاعي پيدوارا واري وزارت جي ذيلي اداري ۾ بي 6 ۽ بي 7 بڪتربند گاڏيون تيار ڪيون وڃن ٿيون، سنڌ پوليس وٽ اڳ بي 6 بڪتربند موجود هيون، پوءِ جديد بي 7 حاصل ڪيون ويون، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سطح جي لاتعداد آفيسرن جيڪي اتر سنڌ ۾ مقرر رهيا ۽ ڪچي ۾ آپريشن ۾ به شريڪ رهيا، سندن چوڻ آهي ته بي 7 بڪتربند ۾ موڊيفڪيشن جي ضرورت آهي، ڇو ته ان ۾ صرف هڪ وچ وارو مورچو آهي، جتان فائرنگ ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ان کان اڳ بي 6 بڪتربند ۾ 2 کاٻي ۽ 2 ساڄي پاسي ۽ هڪ وچ ۾ مورچو هو، جتان دشمن سان مقابلو ڪري سگهجيو ٿي، شڪارپور ۾ مقابلي ۾ محفوظ رهندڙ سجاد چانڊيو ان کان اڳ به ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ شريڪ رهيو آهي، سندس چوڻ آهي ته هن ڏهه ڇڪو گن بابت ٻڌو هو، پهريون ڀيرو ان جو نشانو ڏٺو ۽ سندن بڪتربند کي ان ڏهه ڇڪي سان نشانو بڻايو ويو، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ ڪراچي عرفان بلوچ ايس ايس پي شڪارپور ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو به رهي چڪو آهي، سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن 12.5 يا 12.7 ايم ايم اينٽي ڪرافٽ گن سان  فائرنگ ڪئي وڃي ته  ڪا به بڪتربند گاڏي محفوظ نٿي رهي سگهي، ان کانسواءِ آر 75 راڪيٽ لانچر سان به ان کي نقصان پهچي ٿو، بقول عرفان بلوچ جي ته بڪتربند گاڏيون ڪلاشنڪوف ۽ جي ٿريءَ کان بچاءَ ڪري سگهن ٿيون، ياد رهي ته مقامي ٻوليءَ ۾ 12.5 ۽ 12.7 ايم ايم اينٽي ڪرافٽ گن کي ڏهه ڇڪو چيو وڃي ٿو. 12.7 ايم ايم اينٽي ڪرافٽ گن جو موجد روس آهي، جيڪا 700 کان 800 رائونڊ في منٽ فائر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي ۽ ان جي رينج 1600 کان 2000 ميٽرن تائين آهي ۽ ان جو استعمال روسي فوج ڪندي هئي، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته اتر سنڌ ۾ هٿيار ٺاهڻ جي ڪا به فيڪٽري ناهي، راڪيٽ لانچر يا جديد هٿيار ٻين صوبن مان اچن ٿا ۽ ڪچي ۾ ڌاڙيلن تائين پهچن ٿا.ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ ڪوئيٽا ڪيپٽن پرويز چانڊيو ٻڌائي ٿو ته هٿيار افغانستان جي سرحدي علائقي کان زوب، لورالائي، دڪي، ڪوهلو ۽ ڊيرا بگٽي پهچن ٿا، جتان انتهاپسند ۽ سنڌ جا ڌاڙيل اهو خريد ڪن ٿا، ان کانسواءِ ڪجهه اهڙا قبيلا پڻ آهن، جيڪي جڏهن موسم بهتر ٿئي ٿي ته سردين کانپوءِ پنهنجي جانور سان لڏپلاڻ ڪن ٿا ۽ ڊيرابگٽي جي چراگاهن تائين اچن ٿا، اهي غير روايتي رستا وٺن ٿا ۽ جيڪي هٿيار کڻي اچن ٿا، اهي به هتي وڪرو ڪيا وڃن ٿا، هڪ ٻئي  ڊي آءِ جي جو چوڻ آهي ته نان ڪسٽم گاڏين ۽ سامان سان به هٿيارن جي اسمگلنگ ٿئي ٿي، سنڌ پوليس جي هڪ ڊي آءِ جي جيڪو اتر سنڌ ۾ رهي چڪو آهي جو چوڻ آهي ته اتر سنڌ جي ٽن ضلعن ۾ اڌ درجن کان وڌيڪ اينٽي ايئر ڪرافٽ گنز يا ڏهه ڇڪا موجود آهن، سندس مطابق انهن ۾ 2 پنوعاقل، 2 شڪارپور ۽ 2 ڪشمور ۾ آهن، ياد رهي ته گذريل ڏينهن دوران گهوٽڪيءَ ۾ قبيلائي تڪرار ۾ 9 ماڻهن جي موت کانپوءِ ان گن سان جوابدارن جون تصويرون به سامهون آيو هيون، شڪارپور جي هڪ اڳوڻي ايس ايس پي جيڪو هن وقت ڊي آءِ جي آهي، ٻڌايو ته کيس خبر پئي ته بڊاڻي قبيلي 12.7 ايم ايم گن حاصل ڪئي آهي، مخبر کان معلوم ڪيو ويو ته ڪيتريون گوليون آهن ته هن ٻڌايو ته 1200 گوليون آهن، کيس گن جي رينج جو اندازو هو، هن 4بڪتربند گاڏيون تيار ڪيون ۽ گهيراءُ ڪيو ۽ بڪتربند کي اڳتي وڌائڻ جو حڪم ڏيندي جيئن فائرنگ جو رک ٿئي ته ٻئي طرف کان اڳتي وڌون ۽ اهڙي طرح جڏهن ڌاڙيلن جون گوليون ختم ٿي ويون ته هنن ڇاپو هڻي اها گن هٿ ڪري ورتي ۽ اها ايتري ته ڳري جو 4 ماڻهن جي مدد سان لاٿي وئي،  سنڌ پوليس جي ڪيترن ئي آفيسرن جو چوڻ آهي ته آپريشن لاءِ گهربل جديد هٿيار وقت جي ضرورت آهن، سندن مطابق هن وقت سنڌ پوليس وٽ جي ٿري ۽ ڪلاشنڪوف آهن، جڏهن ته ڌاڙيلن وٽ لانگ رينج هٿيار آهن، ڪيترائي ڀيرا هو صرف هوائي فائرنگ ڪري رعب وجهن ٿا، ٻي صورت ۾ مقابلو ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪن ٿا، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب تسليم ڪيو آهي ته ڪنهن به جديد هٿيار جو پراڻي هٿيار سان مقابلو نٿو ڪري سگهجي، پوليس کي جديد اوزارن ۽ هٿيارن جي ضرورت آهي ته جيئن تمام واقعن سان ڊيل ڪري سگهن، هن چيو ته هٿيارن جي خريداري لاءِ پوليس جڏهن به سنڌ حڪومت کي درخواست ڪئي آهي ته ان جي تائيد ڪئي وئي آهي، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ ڪيپٽن پرويز چانڊيو جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ هن وقت افغانستان جي بارڊر واري علائقي جي فينسنگ ڪئي پئي وڃي، جيڪا 60 کان 70 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته باقي ايندڙ ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندي، جنهن کانپوءِ اتي ايف ايف سي جون چوڪيون قائم ٿينديون ۽ ان کانپوءِ هتان هٿيارن جي اسمگلنگ وارو سلسلو ختم ٿي ويندو، جيترا هٿيار اچي ويا، سي اچي ويا، باقي وڌيڪ نه اچي سگهندا ۽ اهڙي عمل سان صورتحال ۾ بهتري ايندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو