ليکڪ: دانش نبي بخش شر
ولايت جي آسمان جو ڇهون چمڪندڙ ستارو حضرت جعفر بن محمد الصادق عليه السلام آهي.سندس سلسله نسب هن ريت آهي، جعفر صادق بن محمد باقر بن علي زين العابدين بن حسين بن علي بن ابي طالب عليهم السلام. سندس ولادت 17 ربيع الاول، 83 هجري ۾ مدينه منوره ۾ ٿي ۽ 65 سالن جي ڄمار ۾ 148هجري ۾ عباسي حڪمران منصور جي دؤر ۾ حاڪم جي سازش تحت زهر ملڻ سبب هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، سندس مزار مدينه منوره جي مشهور قبرستان بقيع ۾ سندس والد بزرگوار امام محمد باقر عليه السلام جي ڀر ۾ آهي، سندس والده ”ام فروه“ قاسم بن محمد بن ابي بڪر رضه جي نياڻي آهي. سندس امامت جو ڪل مدو 34 سال هو، امام جعفر صادق عه جي شخصيت ۽ عظمت سڃاڻڻ لاءِ ايترو ڄاڻڻ ئي ڪافي آهي ته جڏهن سندس جاني دشمن منصور دوانيقي کي سندس شهادت جي خبر پئي ته ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو هو، تاريخ لکي ٿي ته اڌ رات هئي هر طرف خاموشي ڇانيل هئي، منصور پنهنجي خاص منشي نالي ابو ايوب خوزي کي پنهنجي محلات ۾ گهرايو، جنهن وقت ابو ايوب ڪمري ۾ داخل ٿيو ته ڏٺائين، منصور هڪ ڪرسيءَ تي ويٺو آهي، هڪ شمع اڳيان ٻري رهي هئس ۽ هڪ خط هٿ ۾ هئس، ان کي پڙهيائين به پئي ۽ رنوبه پئي. منشي جو چوڻ آهي ته پڇا ڪرڻ تي جيڪو خط هٿ ۾ هئس مو ڏي اڇلائي چوڻ لڳو ته هي خط مديني جي گورنر محمد بن سليمان مون ڏي لکي موڪليو آهي هن ۾ لکيو اٿس ته جعفر بن محمد گذاري ويو! تون مون کي ٻڌاءِ، جعفر بن محمد جو ڪو مَٽُ ٿيندو؟ امام صادق عليه السلام جي علمي ۽ تهذيبي قد لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته پنهنجي امامت واري مختصر وقت ۾ هن چار هزار نامور شاگرد تيار ڪيا، جن مان هر هڪ پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو. حديث جي هڪ وڏي عالم نالي ”حسن بن علي وشاءَ“جو چوڻ آهي ته مون ڪوفي جي مسجد ۾ نَوَ سؤ (900)حديث جا عالم پنهنجي اکين سان ڏٺا، جن مان هر هڪ جعفر صادق کان حديث نقل ڪري رهيو هو، امام صادق عه جي علمي ۽ روحاني عظمت متعلق تاريخ جي ڪتابن ۾ لاتعداد داستان موجود آهن، امام صادق عه 114هجري ۾ پنهنجي والد جي شهادت کانپوءِ امامت جا اختيار سنڀاليا، پنهنجي امامت واري ان سموري مدي دوران ٻٽن اموي ۽ عباسي حاڪمن جي حڪومتن جو مشاهدو ڪندا رهيا، اموي حڪمرانن ۾ هشام بن عبدالملڪ، وليد بن يزيد بن عبدالملڪ، مروان بن محمد عرف مروان حمار ۽ عباسي حڪمرانن ۾ عبدالله بن محمد عرف سفاح ۽ ابو جعفر عرف منصور دوانيقي شامل آهن، انهن سمورن حاڪمن جي شاهي وارو عرصو سموري اسلامي معاشري لاءِ نهايت ئي گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو رهيو، 132هجري ۾ اسلامي حڪومت جون واڳون اموي خاندان جي هٿن مان نڪري عباسي خاندان جي هٿ آيون، امام صادق عه لڳ ڀڳ پنهنجي زندگي جا پنجاھه سال اموي حڪومت ۾ گذاريا ۽ ان دوران پنهنجي اکين سان انهن جي ظلمن کي ڏسندو رهيو. اموي حڪمرانن سندس پٽ يحيٰ بن زيد کي به درد ناڪ انداز سان شهيد ڪيو، اموي ۽ عباسي خاندانن جي ڪشمڪش دوران امام عليه السلام کي مختلف علم پکيڙڻ ذريعي پنهنجي ذميواري نڀائڻ لاءِ هڪ ڪافي وٿي ملي وئي هئي، نتيجي ۾ جنهن عظيم يونيورسٽيءَ جو بنياد سندس بابو (امام محمد باقر عليه السلام) رکي چڪو هو ان کي تڪميل جي درجي تي پهچائي سگهيو، ان يونيورسٽيءَ جي قيام بعد اسان (تاريخي ثبوتن ذريعي) ڏسون ٿا ته لڳ ڀڳ چار هزار شاگرد امام عه جي ان قائم ڪيل علمي مرڪز ۾ مختلف شعبن ۾ علم پرائيندي نظر ٿا اچن. ۽ اتان علم پرائي اسلامي معاشري ۾ مختلف علمن جي موتين جا جهول ڀري ورهائڻ لڳا. علم رجال جي ماهر عالمن امام عه جي شاگردن ۽ انهن جي لکيل ڪتابن ۽ رسالن جي فهرست پنهنجي ڪتابن ۾ قلمبند ڪئي آهي، جن مان شيخ طوسي عليه الرحمه پنهنجي ڪتاب ”رجال“ ۾ ٽن هزارن کان مٿي نالا ڏنا آهن جن امام عه جي حضور مان علم جا گوهر ميڙيا آهن، ايئن ناهي ته ڪو امام صادق عه فقط تفسير، حديث ۽ فقه ۾ پنهنجون علمي خدمتون انجام ڏنيون پر فلسفي، علم ڪلام ۽ فن ماظره ۾ به ڪيترائي ماهر شاگرد پيدا ڪيا، جن مان هشام بن حڪم جو نالو سر فهرست آهي، جنهن لڳ ڀڳ 25 ڪتاب لکيا، امام عه جو علمي دسترخوان ايترو ته وسيع ۽ عام هوندو هو جو سندس نظرياتي مخالف جهڙوڪ امام اعظم ابوحنيفه به ٻن سالن تائين سندس درسگاھ ۾ شاگرد ٿي رهيو.ان کانسواءِ امام عه طبعي علمن ۾ به ڪافي ڪجهھ ڪارناما انجام ڏنا ۽ ڪيترائي لڪل راز نمايان ڪيا، جيڪي اڄڪلهھ جي دانشمندن لاءِ به تعجب جو ڪارڻ بڻيل آهن. اهڙن شاگردن مان جابر بن حيان جو نالو نمايان آهي جنهن کي اڄڪلھه علم ڪيميا جو پيءُ (The father of chemistry) سڏيو ٿو وڃي، هي پهريون شخص هو جنهن امام صادق عه جي علمي ڪلاس ما ڪيميا (Chemistry) جو علم پرايو ۽ ان موضوع بابت ڪيترائي رسالا ۽ ڪتاب لکي يادگار طور ڇڏي ويو. امام صادق عه جا علمي ڪمالات ايترا ته وسيع ۽ بادوام آهن جو تيرهن صدين کان پوءِ به يورپي ۽ مغربي دنيا جا وڏا، وڏا اسڪالر امام عه جي تعليمات بابت ڪيترائي ڪتاب، رسالا ۽ آرٽيڪل لکڻ تي مجبور ٿا ٿين.