155

محمد خان ابڙي جي آتم ڪٿا، بيشڪ سچ وڏي شيءِ آهي…

ليکڪ: فرزانا ٻرڙو

جنهن ڳوٺ جي اڏامندڙ مٽيءَ وارين گهٽين جو عڪس هن جي لکيل ڪتاب جي اڇن پنن ۾ نظر اچي ٿو سو ڳوٺ اسان جي ڳوٺ کان ڪجهھ ڪلوميٽر کن پري آهي، ان ڪري ئي شايد سندس يادگيرين وارو ڪتاب پڙهڻ جو تجسس وڌندو ويو، اخبارن ۾ ۽ فيس بوڪ تي هن ڪتاب تي ٿيندڙ کوڙ سارن  تجزين ۽ تبصرن کي پڙهي دل ۾  هي ڪتاب پڙهڻ واري ڇڪ اڃا به وڌندي وئي. سيوهڻ ۽ ڀان شهر سنڌ جا اهي روايتي شهر آهن جن جون شامون ڏاڍيون اداس ٿينديون آهن، اداس شامن وارن انهن شهرن جي ڳلين ۾ رانديون ڪندڙ اڌ اگهاڙا ٻار غربت ۽ حالتن جي گهاڻي ۾ پيڙهجڻ سبب  وقت کان اڳ وڏا ٿي ويندا آهن ۽ سندن ٻاروتڻو برساتي موسم ۾ ڪاغذ جون ٻيڙيون تارڻ بدران مسڪين مائٽن جا اهنج اکين سان ڏسندي اک ڇنڀ ۾ ايئن گذرندو آهي جيئن دادوء کان ڄامشوري جي سنڌ يونيورسٽي جي اسٽيشن تائين وارو ريل گاڏي جو سفر دري مان  فطرت جا حسين منظر ڏسندي گذري ويندو آهي.آئون به وقت کان اڳ وڏي ٿي ويل اهڙو ٻار آهيان جنهن جون شروعاتي شامون ٻلهڻ ۽ ڀان جهڙن اداس ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڪٿي گم ٿي ويل آهن. هن جو ڪتاب هٿ ۾ آيو ته مون هڪدم  ماضيءَ ۾ مدفون ٿي ويل  پنهنجي ڳوٺن جي سارن کي سنڀارڻ شروع ڪيو. پوءِ ڪتاب جا پنا ورائيندي مون کي ايئن لڳو ته مان پنهنجي گهر جي اڱڻ تي بيٺل پراڻي نم جي وڻ هيٺان ويهي ڪوئي غمگين لوڪ گيت جهونگاري رهي آهيان. توڙي جو هن ڪتاب جي هڪ هڪ پني تي ليکڪ جي جدوجهد، ڏکن، ۽ ڏولاون جا اهي قصا آهن جيڪي زندگيءَ جي جفاڪشي ۽ جدوجهدن ۾ ديس ڇڏي پرديس وسائيندڙ اسان جهڙن مسافر ماڻهن کي هڪ ٻئي سان درد جي رشتي ۾ جوڙي ڇڏين ٿا پر پوءِ به ساڳئي تر جو ماڻهو هجڻ سان گڏ هڪ ايڪٽوسٽ عورت هجڻ جي ناتي مون لاءِ اهو ڄاڻڻ  سڀ کان اهم هئو ته ڪتاب”وڃن سور سنڌا ڪيو“ جو ليکڪ محمد خان ابڙو پنهنجي سوچ ۾ عورت لاءِ ڪهڙا ويچار رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته سندس آتم ڪٿا ۾ هر هنڌ هو هڪ ارڏي ۽ روايتي مڙس ماڻهوءَ طور محسوس ٿئي ٿو جتي هو خاندان جي مسئلن کي منهن ڏيڻ کان وٺي پنهنجي دور جي نالي وارن ماڻهن سان جهيڙا جهٽا ڪندي به نظر اچي ٿو. هو جڏهن اهو لکي ٿو ته، ”وڪامجندڙ عورت جيڪڏهن بيغيرت ۽ رنڊي آهي ته پوءِ خريدار مرد کي ڪهڙي لسٽ ۾ بيهارجي؟“ تڏهن سچ پچ مهنجي دل ۾ هن لاءِ تمام گهڻو احترام پيدا ٿي وڃي ٿو. هو لکي ٿو ته ”معاشري ۾ ٺٺولين کان بالاتر ٿيڻ گهرجي، نام نهاد ڪوڙي غيرت جي چڪر مان نڪرڻ گهرجي“ بازارن ۾ نيلام ٿيندڙ حوا ڄاين جي ذڪر تي هو چوي ٿو ته ”ماڻهو جيڪر خود پنهنجي سيني ۾ ايمانداريءَ سان جهاتي پائي ته کيس خبر پوندي ته هر روز پئسن عيوض وڪرو ٿيندڙ سدا سهاڳڻين کان به پاڻ کي ڪمتر محسوس ڪرڻ لڳندو“ اهوئي نه پر هو پنهنجي ڪتاب ۾ سيوهڻ جي هڪ قاضي خاندان جي ان فرد جو نالو کڻڻ کان سواءِ محض رڳو ان ڪري سندس تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪري ٿو جو هن هڪ طوائف کي عزت ۽ احترام سان نه فقط پنهنجو جيون ساٿي بڻايو پر ان طوائف جي وفاداري جا ڳڻ به ڳاتا آهن. آئون سمجهان ٿي ته محمد خان ابڙي جو اهو پاسو انتهائي اتم آهي ته هو پنهنجي ڪتاب ۾ خاندان جون اهي ڳالهيون جيڪي لوڪ سان سلڻ کي هتي عيب سمجهيو وڃي ٿو سي  ڳالهيون به هو ڪتاب ۾ لکندي ڪو عار محسوس نٿو ڪري، ساڳئي وقت هو ڪتاب ۾ وڏن عهدن وارن ماڻهن سان پنهنجا فوٽو ڏيڻ بدران پنهنجي خاندان جي سمورن فردن جا فوٽو رکي ٿو جن ۾ سندس نياڻين ۽ زالن کان ويندي اهل عيال شامل آهي. اهي ۽ اهڙيون ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون در اصل سندس سوچ ۽ ويچارن کي پڌرو ڪن ٿيون. شيخ اياز چواڻي ته ”ڏات وڏي شيءِ ناهي پر سچ وڏي شيءِ آهي“ سو سچ دراصل ماڻهو جو ڪردار هوندو آهي جيڪو ڏات کي ڏهوڻو ڪري ڇڏيندو آهي، ڪردار کان وانجهيل لٻاڙي ليکڪن جي قلم مان نڪتل خوبصورت جملو ۽ شعر فني لحاظ کان ته ادب جي زمري ۾ اچي سگهن ٿا پر اهي ڪڏهن به پڙهندڙن جي دلين کي ڇهي نٿا سگهن، دلين کي ڇهڻ وارا لفظ فقط اهي هوندا آهن جيڪي پاڻ مرادو سچ محسوس ٿين، ان ڪري ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ جي سڀ کان وڏي جيڪا خاصيت مون کي محسوس ٿئي ٿي سا آهي محمد خان جي قلم مان نڪتل اهو سچ جيڪو پنهنجي سچائي کي پاڻ محسوس ڪرائي رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو