98

سکر ۾ ريلوي اختيارين جو آپريشن، فيصلن تي نظرثاني جي ضرورت

ايڊيٽوريل

سکر ۽ روهڙي ۾ ريلوي عملدارن پاران حددخلين خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، گذريل ڏينهن آپريشن دوران اهلڪارن ڳوڙها گئس ۽ فائرنگ ڪري هڪ طرف متاثرن کي ڇڙ وڇڙ ڪيو آهي ته ٻئي طرف ڳوڙها گئس سبب گرم گودي واري علائقي ۾ شهري پڻ سخت تڪليف ۾ مبتلا رهيا، ميڊيا رپورٽن مطابق عملدارن آپريشن دوران ڪيترائي دڪان ۽ گهر پٽ ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته متاثرن پڻ سخت مزاحمت ڪئي آهي ۽ ان دوران اهلڪار 8 کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار پڻ ڪري ويا آهن، آپريشن دوران مقامي اڳواڻ جي مداخلت بعد عملدار 15 ڏينهن جي مهلت ڏئي اهو چئي هليا ويا آهن ته سامان کڻي قبضا خالي ڪيو، ٻي صورت ۾ اسان پاڻ قبضا هٽائينداسين، جڏهن ته ڊي ايس ريلوي جو چوڻ هو ته حددخلين خلاف آپريشن ڪري رهيا آهيون ۽ اهي ختم ڪرايون وينديون،  ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته هي ڪنهن هڪ علائقي جو معاملو نه آهي پر روهڙي ۽ سکر شهرن جي لوڪو شيڊ، سليم آباد، لعل بخش مهتم، نيويارڊ، علي شير شيخ، چوهاڻ، بيدل بيڪس ڪالوني، جتوئي ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ 50 سالن کان آباد ڪالونين کي عملدار غيرقانوني قرار ڏئي ڊاهي رهيا آهن، جنهن لاءِ ميڊيا رپورٽن مطابق پنجاب مان سون جي تعداد ۾ مرد توڙي عورت اهلڪار پڻ طلب ڪيا ويا آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق ڄاڻايل علائقن ۾ گذريل 50 سالن کان هيٺئين طبقي جي غريب پورهيتن ۽ ريلوي جي رٽائرڊ ملازمن ليز وٺي پنهنجي سڄي زندگي جي ڪمائي سان گهر ٺهرايا آهن ۽ انهن کي ريلوي انتظاميا ئي ريلوي جا ميٽر پڻ لڳائي ڏنا آهن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن وٽ ريلوي کاتي جي ليز پڻ موجود آهي. جڏهن ته ڄاڻايل علائقن ۾ رڳو ريلوي نه پر سيپڪو پاران پڻ بجلي جي سهولت مليل آهي ۽ 25 سال اڳ انهن کي گئس جي سهولت پڻ ڏني وئي هئي، گڏوگڏ صوبائي حڪومت پڻ ڄاڻايل علائقن کي پاڻي، تعليم، روڊن سميت ٻيون سهولتون ڏنيون آهن. ريلوي اختيارين اهڙو آپريشن سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت ڪرڻ جو ڄاڻائي ماڻهن کي نوٽيس ڏئي ڇڏيا آهن، پر ڏٺو وڃي ته ڄاڻايل علائقن ۾ اڌ صديءَ کان آباديون آهن ۽ اتي هن وقت 5، 8، 10 يا 100 نه پر هزارين ماڻهو پنهنجي ڪٽنبن سان رهن ٿا ۽ ڄاڻايل علائقن ۾ اهي روزگار سان پڻ لڳل آهن، جيڪڏهن ايڏي وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي اتان بيدخل ڪيو وڃي ٿو ته نيٺ اهي ڪهڙي طرف ويندا، اڳ ئي عدالتي حڪمن تحت سنڌ ۾  واهن، شاخن ۽ ڪئنالن تي آپريشن ڪري لکين ماڻهو بي گهر ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي نه ته ڪو متبادل رهائشي جايون ڏنيون ويون آهن، نه ئي وري سندن ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪيو ويو آهي، مٿان وري هي نئون آپريشن هڪ نئون مسئلو بڻجي اڀريو آهي. اسان سمجهون ٿا ته حڪومتن جو ڪم ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ، آباد ڪرڻ ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ هوندو آهي ۽ يقيني طور تي جيڪڏهن وفاقي حڪومت چاهي ته هن مسئلي جو حل پڻ ان وٽ ضرور هوندو، اسان هتي عدليا کي پڻ اپيل ٿا ڪريون ته انساني بنيادن تي هن معاملي ۽ ڪيس تي ٻيهر نظرثاني ڪري جيڪڏهن غريب ماڻهن لاءِ ڪا گنجائش نڪري ٿي ته انهن کي اتي آباد رهڻ ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ گهٽ ۾ گهٽ انهن کي متبادل يا ٿيندڙ نقصان جو ازالو ئي ڪرايو وڃي جيئن انهن جو جياپو وڌيڪ ڏکيو نه بڻجي سگهي، يقيني طور تي اسان وٽ انتظامي نظام ۾ تمام گهڻيون ڪوتاهيون آهن ۽ انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت قدمن ۽ بهتر حڪمت عملي جي به ضرورت آهي، پر جيڪڏهن هڪ ئي وقت ائين هزارين ۽ لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو ويو ته پوءِ اهو انساني الميو هوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو