ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان قرضن تي ملڪي معيشت هلائي ايندڙ نسلن جي لاءِ کڏا کوٽي رهيو آهي، پ پ چيئرمين چيو ته پنهنجي نااهلي کان واقف هجڻ جي باوجود عمران خان صرف پنهنجي انا کي تسڪين ڏيڻ لاءِ ملڪ کي معاشي تباهي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي، سخت شرطن تي قرض کڻي معيشت هلائڻ جو تجربو ايندڙ حڪومتن لاءِ مسئلا پيدا ڪندو، عمران خان ڪشڪول کڻي واشنگٽن، رياض، دبئي ۽ بيجنگ گهمندو رهيو ۽ ملڪي وقار کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، پنهنجي نااهلي کان واقف هجڻ جي باوجود عمران خان صرف پنهنجي انا خاطر ملڪ کي معاشي تباهي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي، عمران خان پاڪستان جا فيصلا قرض ڏيندڙ ملڪن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن، پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پرڏيهي قرض 21 ارب ڊالر اضافي سان گڏ 95 ارب ڊالر کان 116 ارب ڊالر ٿي چڪو آهي، عمران خان صرف هن سال 35 سيڪڙو اضافي سان گڏ 10 ارب ڊالر جو پرڏيهي قرض حاصل ڪري چڪو آهي، عمران خان پاڪستان جي ٻچي ٻچي کي قرض جي دلدل ۾ ڌڪي ملڪ جي مستقبل کي داءُ تي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪڏهن عمران خان انهيءَ رفتار سان قرض وٺندو رهيو ته قوم کي مستقبل ۾ سخت حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
93