ڪراچي (ويب ڊيسڪ)وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم سنڌ ۾ مداخلت ڪرڻ نه ٿو گهري،سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن سان سياسي ماڻهو به مليل آهن، پاڪستان ۾ ڪٿي به آمريڪا کي فوجي اڏو نه ڏينداسين. اهڙو اظهار هن وڏي وزير مراد علي شاهه، گورنر سنڌ عمران اسماعيل ۽ ڊي جي رينجزرز سان ملاقات کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد صوبي ۾ امن ۽ امان واري صورتحال خاص طور تي لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزنن جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهڙو اتفاق هنن هڪ گڏجاڻي ۾ ڪيو. اجلاس ۾ وڏي وزير چيو تھ پوليس ڌاڙيلن خلاف ڀرپور آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آھي ۽ علائقي مان ڌاڙيلن جي مڪمل خاتمي تائين اھو آپريشن جاري رھندو. وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد وڏي وزير کي چيو ته جڏھن بھ صوبائي حڪومت آپريشن ۾ رينجرز جي خدمت حاصل ڪرڻ چاھي تھ وٺي سگھي ٿي. اجلاس ۾ شريڪ انسپيڪٽر جنرل پوليس مشتاق مھر ٻڌايو تھ آپريشن لاءِ ڪجھھ سامان گھربل آھن. ان تي گھرو وزير آءِ جي پوليس کي چيو تھ ھُو گھر سيڪريٽري سان رابطوڪري تھ جيئن ڄاڻايل سامان ڏئي سگھجي. ٻي پاسي سان وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هنن سنڌ ۾ جاري سياسي ۽ امن امان جي صورتحال سوڌو گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير ۽ گورنر سان ملاقات کان پوءِ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڊي جي رينجرز ۽ وڏي وزير سان ملاقات ۾ اتفاق ٿيو ته وفاق ۽ سنڌ گڏجي ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪندا. چار تجويزون غور هيٺ آيون، هڪ ته ڀنگ لاءِ اغوا دهشتگردي جو ڪيس ٿيندو، 3 اي پي سيز اچي رهيون آهن، هٿيار ۽ ڊرون پڻ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. شيخ رشيد چيو ته ڪچي جي ڌاڙيلن بابت تازو ئي منهنجي جن ادارن سان ملاقات ٿي آهي انهن جو خيال آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن سان سياسي ماڻهو به مليل آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ ڀيري آئون پاڻ به ڪچي جو دورو ڪندس، ڌاڙيلن سان ڪو وڏو نالو سامهون آيو ته ان کي سختي سان منهن ڏينداسين. سنڌ حڪومت سان اسان جي سٺا لاڳاپا آهن، سنڌ ۾ ڪو گورنر راڄ نه پيو لاڳو ٿئي، عمران خان جي حڪومت واري دور ۾ ته سنڌ ۾ گورنر راڄ نه لڳندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪچي مان ڌاڙيل راڄ ختم ڪنداسين. امن وامان قائم ڪرڻ صوبي جو ڪم آهي، ڪچي ۾ سنڌ حڪومت پاڻ آپريشن ڪرڻ گهري ٿي، پر رينجرز به تيار آهي،سنڌ حڪومت جتي به چاهي ان کان مدد وٺي سگهي ٿي. ڌاڙيلن جي خلاف دهشتگرديءَ جا ڪيس داخل ڪيا وڃن، انهن جي خلاف وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت سان گڌجي ڪم ڪندي، سنڌ حڪومت کي ڊرون سميت هر قسم جا هٿيار به ڏينداسين. هن چيو ته مون سنڌ جي گورنر ۽ پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبر سان به ملاقات ڪئي آهي. سنڌ ۾ پي ٽي آءِ کي ڪيتريون ئي شڪايتون آهن، انهن بابت پڻ وزيراعظم کي سُڌ ڏيندس. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ نادرا وارن دهشتگرديءَ ۾ ملوث ماڻهن کي ڪارڊ ٺاهي ڏنا. هاڻي جلد ئي نادرا ڪراچي ڻ ٻهارو ڦيرائينداسين، انهن کي نه رڳو نوڪرين مان ڪڍنداسين پر قانون موجب سزا به ڏينداسين، ڪجهه ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ماڻهن جي گم ٿيڻ واري معاملي بابت قانون آڻي رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته پاڪستان ۾ آمريڪا کي ڪو به فوجي اڏو نه ڏينداسين.
112