131

شڪارپور جي ڪچي ۾ گرينڊ آپريشن جون تياريون مڪمل، سڄي سنڌ مان ڪمانڊوز پهتا، حڪم جو انتظار

شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور جي ڪچي ۾ گرينڊ آپريشن جون تياريون مڪمل، سڄي سنڌ مان ڪمانڊوز پهچي ويا، حڪم جو انتظار، ان سلسلي ۾ ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ آپريشن دوران ڌاڙيلن پاران ٻن اهلڪارن منور علي جتوئي، عبدالخالق سولنگي ۽ حسيب شيخ جي شهادت بعد پوليس آپريشن جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ مان پوليس ڪمانڊوز جوان ڳڙهي تيغو واري ڪئمپ تي پهچي ويا آهن ۽ اڄ وڏي پئماني تي آپريشن شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، ذريعن ”سوڀ“ کي ٻڌايو ته آپريشن ۾ شڪارپور کانسواءِ ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ، سکر ۽ گهوٽڪي ضلعي جي پوليس کان پڻ مدد ورتي ويندي، گهٽ گهيڙ بند ٿيندا، پوليس جي جوانن کي جيئن ئي آپريشن جو حڪم ملندو ته اهي ڪچي ۾ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏيندا، اهلڪارن کي جديد هٿيار به ملي ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو