اسلام آباد/ ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري، وڌيڪ 75 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، 2726 ڪيس ظاهر، سنڌ ۾ 22 مريض فوت، سنڌ ۾ ڪيسن جي شرح گهٽجي 6.8 ٿي وئي، ان سلسلي ۾ ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري آهن، وڌيڪ 75 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا جڏهن ته 2726 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 62706 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 2726 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته 75 ڄڻا فوت ٿي ويا، مثبت ڪيسن جي شرح 4.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي، سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 22 مريض فوت ٿي ويا، 1099 نوان ڪيس ظاهر ٿيا ۽ 708 ماڻهو صحتياب ٿي ويا آهن، حڪومت سمورن سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن کي ڪورونا وئڪسين لڳائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته تعليم واري وزير پاران 26 جولاءِ کان 6 آگسٽ تائين او ليول جا امتحان وٺڻ جي به اجازت ڏني وئي آهي، هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ ھائوس ۾ ڪورونا وائرس بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اجلاس ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوھو، صنعت وارو وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو، قانون وارو صلاحڪار مرتضيٰ وھاب، صحت بابت پارليماني سيڪريٽري قاسم سراج سومرو، چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاھھ، انسپيڪٽر جنرل پوليس مشتاق مھر، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (گھرو) عثمان چاچڙ، ڪمشنر ڪراچي نويد شيخ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي عمران منھاس، ناڻي وارو سيڪريٽري حسن نقوي، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن احمد بخش ناريجو، سيڪريٽري صحت ڪاظم جتوئي، ڊاڪٽر عبدالباري، ڊاڪٽر فيصل، ڊاڪٽر سارھ خان، ڊاڪٽر قيصر سجاد سميت ڪور فائيو ۽ رينجرز جي نمائندن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وڏي وزير ڪورونا وائرس جي روڪٿام بابت لڳايل پابندين تي صوبي جي عوام جي سھڪار تي ٿورا مڃيندي چيو ته ڪيسن جي شرح بھ 8.63 سيڪڙو کان گھٽجي 6.8 سيڪڙو ٿي وئي آھي، جيڪڏھن عوام سندن سھڪار اھڙي جذبي سان جاري رکيو تھ اسان ان وبا جي پکيڙ تي ضابطو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، وڏي وزير چيو تھ ڪووڊ پابندين جا ھمت ڏياريندڙ نتيجا سامھون آيا آھن ۽ ان جو ڪريڊٽ عوام ڏانھن وڃي ٿو، جن ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو ۽ حڪومت پاران لاڳو ڪيل پابندين تي عمل ڪندي حڪومت سان سھڪار ڪيو، انڪري فوتگين واري شرح ۽ متاثر ماڻھن واري شرح گھٽ ٿي آھي، ھن صوبي جي ماڻھن تي زور ڀريو تھ اھي اھڙي ريت سھڪار جاري رکن تھ جيئن صورتحال تي ضابطو آڻي سگھجي. ٻئي پاسي وڏي وزير ڪورونا بابت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته تھ صوبي جي 1099 ڪوويڊ ڪيسن مان 561 ڪراچي شھر مان رپورٽ ٿيا آھن، اوڀر ڪراچيءَ مان 169، ڏکڻ ڪراچي 138، سينٽرل ڪراچي 136، حيدرآباد 90، ملير 47، ڄامشورو 45، ڪورنگي 36، اولھھ ڪراچي 35، جيڪب آباد 28، نوابشاھھ 23، خيرپور 21، سکر 21، نوشھرو فيروز 19، دادو 17، گھوٽڪي 16، مٽياري 15، ٽنڊو محمد خان 15، ميرپورخاص 14، ٺٽو 14، عمرڪوٽ 13، ڪشمور 11، ٽنڊو الھيار 9، شڪارپور 8، سانگھڙ 7، بدين 5، لاڙڪاڻو 5، ٿرپارڪر 2 ۽ قمبر ھڪ نئون ڪيس رپورٽ ٿيا آھن.
120