اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فوجداري ڪيس ۾ پوليس جي ناقص جاچ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، : جسٽس عامر خان رمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس ڪم ڪري نه ٿي، جوابدار بري ٿي وڃي ٿو ته چوي ٿي عدالتون ڇڏي ڏين ٿيون، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ايس پي ڪاٿي آهي؟ ڇا هو عدالت ۾ پيش ٿيو آهي؟ جنهن تي ايس پي عمر خان روسٽرم تي اچي بيهي رهيو، جسٽس عامر خان چيو ته جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿئي ٿو ان کي حقيقتن جي خبر ئي ناهي ، پوليس ڪم نه ٿي ڪرڻ چاهي ته نوڪري ڇڏي ڏئي، کوڙ ماڻهو نوڪري لاءِ ويٺا آهن، عدالت چيو ته اهو ڪيس اڪيلو ڪيس ناهي جنهن کي به هٿ لڳايو پوليس جو ڪو به ڪو ڪارنامو نڪري ٿو، پوليس ڪم نه ٿي ڪري، جاچ آفيسر اسٽيٽ ڪائونسل کي به ڪجهه نه ٿا ٻڌائين.
125