ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو سيڪريٽري گرفتاري وارنٽس جاري ٿيڻ بعد لاپتا شهرين جي ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳيان پيش، عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري جو لکت ۾ جمع ڪرايل معافي نامو منظور ڪري ورتو، پرڏيهي کاتي به جبري گمشدگين بابت عدالت آڏو لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لاپتا شهرين جي ڪيس تي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل دعويٰ ڪئي ته وفاقي سرڪار لاپتا شهرين جي معاملي تي انتهائي سنجيده قدم کڻي رهي آهي، لاپتا شهرين جي هر ممڪن طريقي سان ڳولا ڪئي پئي وڃي، جسٽس ڪي ڪي آغا رمارڪس ڏيندي چيو ته جبري گمشدگين جي معاملي تي پاڪستان جي دُنيا ۾ بدنامي ٿي رهي آهي، عدالت سيڪرٽري داخلا کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اهم پوزيشن تي مقرر آهيو، عدالت ڪيترائي حڪم ناما جاري ڪيا، جواب به جمع نه ڪرايو ويو، مجبورن عدالت کي ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ پيا، جبري گمشدگين جو مسئلو اهم آهي، ان کي ختم ڪرڻو پوندو، جسٽس جاويد اقبال جي ڪميشن کانسواءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسز کي به ڏٺو وڃي، عدالت طرفان وفاقي گهرو سيڪريٽري کي 4 آگسٽ تي تفصيلي جواب سوڌو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو.
