حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 117 ملازمن کي پڪو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت پاران ڊي جي کي ريجنل ڊائريڪٽر جا پاور بحال ڪري آفيس جو انتظام ھلائڻ جو به حڪم ڏنو ويو، جڏهن ته عدالت ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي ڊائريڪشن ڏنا ته سڀني ملازمن جا اڱاري جي ڏينهن آڊر کڻي عدالت ۾ پيش ٿيو، سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ جسٽس ذوالفقار علي خان ۽ جسٽس سليم جيسر جي ڊبل بئنچ ۾ ملازمن کي پڪو ڪرڻ واري داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، گذريل ڏينھن عدالت پاران طلب ڪرڻ تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو ڊي جي ۽ ريجنل ڊائريڪٽر حيدرآباد پيش ٿيا، ان موقعي تي عدالت ڊي جي کان پڇاڻو ڪيو ته گذريل ٻڌڻي تي اوهان عدالت کي خاطري ڪرائي هئي ته ملازمن کي پڪو ڪيو ويندو ان تي عمل ڇو نه ٿيو آهي، عدالت حڪم ڏنو ته ھنن کي آرڊر ڏنا وڃن ۽ رپورٽ ڪمپلائينس ڪري پيش ڪريو ان جو ڇا ٿيو، جنهن تي ڊي جي عدالت کي آگاهي ڏني ته اسان سنڌ حڪومت کي لکيوسين ۽ ڪميٽي جاچ ڪئي ته ھي ملازم ڪانٽريڪٽي ناھن ۽ ڊيلي ويجز آھن، ڊيلي ويجز ملازمن کي مستقل نٿو ڪري سگهجي، ڪانٽريڪٽ وارن ملازمن کي مستقل ڪرڻ تي سرڪار پاران 2015ع کان بندش لاڳو ٿيل آهي، عدالت چيو ته اوهان جو جواب غير مناسب آهي اوهان عدالت کي گمراهه پيا ڪريو، لڳي ٿو سيڪشن 3 تي غور نه ڪيو اٿو، عدالت چيو ته اسان کي سٺو نه ٿو لڳي ته عملدارن کي عدالت ۾ گهرايون ۽ نه ئي عملدار گهرائڻ جو ڪو شوق آهي اوهان جنهن منصب تي آهيو اتي ايمانداري سان پنهنجو ڪم سرانجام ڏيو، اوهان عدالتي حڪم کي نه ٿا مڃو يا پنهنجي پاڻ کي بچائڻ چاهيو ٿا؟ عدالت ڊي جي کي حڪم ڏنو ته ايس بي سي اي جي سيڪشن 3 سنڌ ريگيولرائيزيشن ڪانٽريڪٽ ايڪٽ 2015ع تحت گريد هڪ کان 18 هين گريڊ جي 117 ملازمن کي مستقل ڪري 2 جون تي رپورٽ سميت ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو.
