125

اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه نيب جي جاچ ٽيم آڏو پيش

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)  اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه نيب جي جاچ ٽيم آڏو پيش، اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه حڪومت ۽ پاڪستان جي اسٽيل ملز جي زمين باتب ڪيس ۾ نيب جي جاچ ٽيم آڏو پيش ٿيو، ذريعن موجب اڳوڻي وڏي وزير کان اسٽيل مل جي زمين تي ليز بابت سوال ڪيا ويا، نيب ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد قائم علي شاهه چيو ته نيب نه ڪو سوالنامو ڏنو نه ئي ٻيهر اچڻ جو چيو، نيب زمين جي ليز بابت ڪيس ۾ گهرايو هو، نيب گهرايو ته اسان اچي وياسين، هن چيو ته پ پ سان ڪا به ڊيل نه ٿي آهي، پي ڊي ايم ۾ پ پ جي شموليت جو فيصلو اڃا ناهي ٿيو، ڪاميٽي فيصلو ڪندي ته پي ڊي ايم ۾ شامل ٿيڻو آهي يا نه.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو