اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پوري ملڪ جي ندين ۾ پاڻي جي وڏي پيماني تي کوٽٿي وئي آهي، تربيلا ڊيم ڊيڊ ليول تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته پاڻي بابت وزيراعظم جي صدارت ۾ اهم اجلاس ۾ به سنڌ ۽ پنجاب جي تڪرار جو نبيرو نه ٿي سگهيو آهي. جنهن ڪري اجلاس اڄ ٻيهر گهرايو ويو آهي. ملڪ ۾ پاڻي جي صورتحال بابت ٻڌايو ويو آهي ته ڊيم ڊيڊ ليول تي پهچي ويو آهي، تربيلا ۾ هاڻي پاڻي رڳو 1400 فيٽ رهجي ويو آهي، جيڪا ڊيم جي ڊيڊ ليول آهي. ٻي پاسي ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ان معاملي تان سنڌ ۽ پنجاب ۾ پيدا ٿيل تڪرار کي نبيرڻ لاءِ خميس ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پاڻي جي معاملي تي اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي آبپاشي واري وزير سهيل انور سيال، پنجاب جي آبپاشي واري وزير ، ارسا چيئرمئن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ارسا جي چيئرمئن رائو ارشاد علي وزيراعظم کي پاڻي جي تازي صورتحال بابت ڄاڻ ڏني. جڏهن ته سنڌ جي آبپاشي واري وزير سهيل انور سيال وزيراعظم کي سنڌ ۾ پاڻي جي وڏي پيماني تي کوٽ ۽ پنجاب طرفان تونسا پنجند مان زوري پاڻي کڻڻ ۽ سنڌ کي حصي موجب پاڻي نه ملڻ بابت ڄاڻ ڏني. جڏهن ته اهو اجلاس بنا ڪنهن نتيجي ختم ٿي ويو ۽ وزيراعظم ان ئي معاملي تي اڄ ٻيهر اجلاس گهرائي ورتو آهي. اڄوڪي رٿيل ان اجلاس ۾ پاڻي بابت سنڌ جي شڪايتن جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو. ان سلسلي ۾ اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي آبپاشي واري وزير سهيل انور سيال چيو ته وزيراعظم سان ملاقات ڪري کيس پاڻي جي کوٽ واري معاملي بابت سُڌ ڏئي ڇڏي آهي ۽ کيس ٻڌائي ڇڌيو آهي ته پاڻي جي 1991ع واري معاهدي باوجود سنڌ سان ان معاملي ۾ ناانصافي ٿي رهي آهي. سهيل انور سيال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڏي فورم تي پڻ پاڻي جي معاملي بابت ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. هن وقت پاڻي جي صورتحال ڏاڍي خراب آهي ۽ ان معاملي ۾ ارسا غيرقانوني ڪم پيو ڪري. هن وڌيڪ چيو ته ارسا جي اجلاس ۾ ٽن ميمبرن تونسا پنجند لنڪ ڪئنال کولڻ جي مخالفت ڪئي هئي. ان جي باوجود پنجاب جي آبپاشي واري کاتي ڪئنال کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت سنڌ سان زيادتي ڪري رهي آهي. مون جڏهن پاڻي جو معاملو اٿاريو ته نيب منهنجي خلاف انتقامي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. پاڻي جو معاملو ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جو نه پر رڳو سنڌ جي عوام جو معاملو آهي. هن چيو ته ڪالهه جڏهن مون کي وزيراعظم طرفان ملاقات لاءِ گهرائڻ جو ميسيج آيو ته ان ئي وقت نيب سکر جي هڪ پريس رليز پڻ پهتي جنهن ۾ منهنجي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي فيصلي بابت ڄاڻايل هو. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان پاڻي جو مسئلو حل ڪرائڻ جي پڪ ڪرائي آهي، سڀاڻي سڏايل اجلاس ۾ سنڌ جي شڪايتن جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو.
103