94

قانون جي حڪمراني تي عمل نه ڪندڙ قومون تباهه ٿي وينديون آهن: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مديني جي رياست قانون جي حڪمراني ۽ انسانيت جي ڀلائي جي بنياد تي قائم ٿي، مسلمانن جڏهن انهن اصولن تي عمل ڪيو ڪامياب ٿيا، جن ملڪن انهن اصولن تي عمل ڪيو اهي ترقي ڪري ويا، جيڪي قومون قانون جي حڪمراني تي عمل نه ڪنديون آهي اهي تباهه ٿي وينديون آهن، اميد آهي ته مسلمان ملڪ مديني جي رياست جي بنيادي اصولن تي عمل ڪري پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن حضرت محمد ﷺ جي سيرت مبارڪ ۾ تهذبي قدرن جي موضوع تي ٿيل عالمي ڪانفرنس کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. عالمي ڪانفرنس جو انتظام رباط اسلامڪ ورلڊ ايجوڪيشنل، سائٽيفڪ اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته حضور اڪرم ﷺ مديني جي رياست جي بنياد تي دنيا جي عظيم ترين تهذيب قائم ڪئي جنهن جا ٻه بنيادي اصول قانون جي حڪمراني ۽ فلاحي رياست هو، وزيراعظم چيو ته جن قومن ۾ قانون جي حڪمراني نه هوندي آهي ۽ جتي جهنگ جو قانون هوندو آهي اهي قومون جلد يا دير تباهه ٿي وينديون آهن جڏهن ته عظيم قومون انصاف جي اصولن تي عمل پيرا رهنديون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو