اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ کي اربين روپين جو نقصان پهچايو ويو، آفيسرن ٻين ملازمن بدران پنهنجون پگهارون وڌائي ڇڏيون، اسٽيٽ بئنڪ جي سڄي انتظاميا کي فارغ ڪرڻ گهربو هو. سپريم ڪورٽ ۾ گولڊن هينڊ شيڪ اسڪيم جي حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ جي اسلام آباد هاءِ جي فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي. ان موقعي تي چيف جسٽس اسٽيٽ بئنڪ انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته آفيسرن ٻين ملازمن بدران پنهنجون پگهارون وڌائي ڇڏيون، اسٽيٽ بئنڪ جي سڄي انتظاميا کي فارغ ڪرڻ گهربو هو، اسٽيٽ بئنڪ کي اربين روپين جو نقصان پهچايو ويو، ايڏو وڏو نقصان بئنڪ انتظاميا جي نااهلي سان ٿيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اهڙي قسم جا معاملا سامهون ايندا آهن ته تڪليف ٿيندي آهي، ڪيڏي شرم جي ڳالهه آهي ته وڏا وڏا آفيسر پگهارون کڻي ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي اسٽيٽ بئنڪ جي وڪيل کان پڇيو ته اداري کي پوءِ ڪيترا پئسا ادا ڪرڻا پيا؟ جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته اٽڪل ٻه ارب روپيا ادا ڪرڻا پيا، چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايڏي وڏي نقصان کانپوءِ به توهان جي ڪنهن آفيسر کي اثر ئي نه ٿيو هوندو. ملازمن جي وڪيل موقف پيش ڪيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي وڪيل ته لاڳاپيل دستاويز ئي نه لڳايا، جنهن تي چيف جسٽس اسٽيٽ بئنڪ جي وڪيل کي چيو ته توهان جهڙي سينيئر وڪيل مان اسان کي اها اميد ئي نه هئي. عدالت گولڊن هينڊ شيڪ جي حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي پر چيو ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 6 مهينن کانپوءِ ٿيندي.
203