262

”زندگي هڪ ناچ هڪ نغمو“ فلسفي جي ڪتاب جو جائزو…

ليکڪ:  محبوب سنڌي

مجيب ناريجو هڪ ايڊيٽر طور سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر سڃاتو وڃي ٿو.پر حقيقت هي آهي هي هڪ پڪو پختو تخليقڪار آهي.جنهن جو نظم ۽ نثر ٻئي سگهارا آهن جيڪو هي ”ڪونڌر سنڌي“ جي تخلص سان لکندو رهيو آهي پر اڳتي هلي مجيب! ”ڪونڌر سنڌي“ مان وري مجيب ناريجو ٿي ويو.سندس طبيعت ۾ محبتن جا مڻ توري سگهجن ٿا پر هن جو ذهن سدائين تخليقي رهيو آهي.سو ماٺ کي موت سمجهي هن عظيم فلاسفر ”گرو رجنيش اوشو“ جي ڪتاب  life a song a danceکي سنڌيڪار جي حيثيت ۾ ”زندگي هڪ ناچ هڪ نغمو“ جي اعنوان سان ترجمو ڪيو آهي، جيڪو تازو روشني پبليڪيشن طرفان ڇپجي اسان پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو آهي. مجيب ناريجو هن ڪتاب کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جي ضرورت انهي ڪري محسوس ڪئي جو اسان جي سماج جا ماڻهو اوشو جي هن فلسفي مان جيئڻ جو محور سکي وٺن جيئن هو زندگي جيئڻ جي فن تي مهارت حاصل ڪري سگهن.ٻيو تو گرو رجنيش اوشو جي ڏنل تعليم جي ويجهو ايندي ئي خبر پوي ٿي ته هي ڪمزور انسان کي تبديل ڪري ان ۾ جرئت ۽ حوصلي سان گڏ باشعور بنائي ٿو.اهو ئي سبب هو جو اوشو کي دنيا جي عالمن هڪ يگاني فلاسفر جي حيثيت ۾ قبول ڪيو آهي. ڪتاب”زندگي هڪ ناچ هڪ نغمو“ ۾ اوشو اندر جي ڪائنات کي روشن ڪرڻ لاءِ ڪيڏو نه سهڻو فلسفو ڳالهيو آهي”اڪيلائي ۽ اوندھه جيڪو ماڻهو اوندھ کان ڊڄندو آهي، اهو لازمي اڪيلائيءَ کان به ڊڄندو، ان جو سبب آهي ته اوندھه توهان جي اندر ڪشادي ۽ ويڪري ڪائنات ۾ اڪيلي ٿيڻ جو احساس پيدا ڪري ٿي“ جيڪڏهن پنهنجي اندر ۾ اوندھه کي جڳھه ڏينداسين ته روشن خيالي کان ڏور ٿيندا وينداسين ۽ اوندھه مان مراد جهالت آهي سو جهالت سدائين ماڻهو کي اڪليو ڪري ڇڏيندي آهي پر هن جهالت کان بچڻ لاءِ اوشو ڪيڏو نه شاندار جملو ڳالهايو آهي”جيئن ئي توهان پنهنجي اندر ۾ تبديلي آڻڻ شروع ڪندا آهيو ته محبت کي عارضيت مان هٽائي، پنهنجي ذات جي سرچشمي سان جوڙڻ لڳو ٿا. توهان مڪمل صوفي بڻجي ويندا آهيو“ تصوف جي واحد پرچار آهي.جنهن سان سماج کي خوشگوار بنائي مايوس زندگين کي خوش نما بنائي سگهي ٿو، اصل حقيقت اها آهي هن ڪتاب جو وڻندڙ اظهار دلفريب انهي ڪري لڳي رهيو آهي ڇو ته مجيب هن ڪتاب جو ترجمو نهايت سنجيدگي سان ڪندي اوشو جي فڪر تحت ئي ٻوليءَ جو استعمال ڪيو آهي، جو لکت جو سٽاءُ وڻندڙ محسوس ٿئي ٿو، اوشو هن ڪتاب ۾ اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته انا اصل منزل جي راھ ۾ رڪاوٽ آهي ۽ ڪوڙ کي جنم ڏيندڙ آهي، انهي ڪري اسان پاڻ تي انا جي فوقيت کي قبول نه ڪريو.هن ڪتاب ۾ جن موضوعن کي بحث هيٺ آڻي اوشو پنهنجي فلسفاڻي انداز ۾ ڇيڙيو آهي سي سڀ انسان جي ڀلائي ۾ آهن، سڀ جو رستو بهتر زندگي گذارڻ ڏانهن وڃي ٿو.اسان سڀ باشعور ماڻهو  خانقاهي تصوف کي رد ڪريون ٿا ڇو ته هن تصوف جو تصور اسان کي ڏئي اسان جي سماج جي فردن کي منشيات جو عادي بڻائي شعوري سگهھ جو خاتمو ڪيو ويو آهي، جنهن کي پڻ اوشو رد ڪندي ٻڌائي ٿو ”منشيات مان حاصل ٿيندڙ سڪون توهان جي شعور تائين پُهچي نه ٿو سگهي، منشيات جي پهچ دماغ تائين آهي، ان جي مراقبي سان ڪا به ڀيٽ ناهي“  اوشو اسان کي هن ڪتاب ۾ روحانيت ۽ ماديت جي باري ۾ به گهڻو ڪجهھ سمجهائي ٿو، هن جيڪا مجسما ساز جي ڪٿا ٻڌائي آهي  اها سمجهاڻي اسان جي چڱي ريت سمجهي وٺون ته زندگي کي حقيقت جو نغمو ڪري آساني سان وقت کي گذاري سگهون ٿا، ڇو ته اوشو اهو سچ چيو آهي”ڪا به گهڙي، هڪ وقفو، ڪير به نٿو ڄاڻي ته ايندڙ گهڙي جيڪو ڪجهھ آڻي پئي، اهو قطعي اڻ ڄاتل آهي“ گرو رجنيش اوشو پنهنجي هن ڪتاب ۾ انسان کي  مهان ڪري پيش ڪيو آهي”انسان ڇا آهي؟ انسان لامحدود امڪان آهي“ اوشو جو هي ڳالهايل جملو اوشو کي صوفي ظاهر ڪري ٿو ۽ هڪ سچو صوفي ئي انسانيت جي پرچار کي عام ڪري ٿو. ۽ مذهب ۽ تصوف جا ٻه جدا جدا تصور آهن جيڪي هن ڪتاب ۾ اوشو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سچ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪيڏو نه مانائتو جملو اوشو ڳالهايو آهي ته جيڪڏهن اوهان ڄاڻڻ ٿا گهرو ته سچ ڇا آهي؟ ته ڪتابن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪريو، اندر جي ڪتاب جو مطالعو ڪريو، اصولن کي ڪا به اهميت نه ڏيو، نه وري وهمن مان راحت حاصل ڪريو، بس پنهنجي اندر ۾ جهاتي پايو، پنهنجي روين، پنهنجي عمل ۽ رد عمل پنهنجي جبلتن، پنهنجي خواهشن جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪريو، تڏهن اوهان تي اها حقيقت ظاهر ٿيندي ته توهان هڪ نه گهڻا آهيو“ اوشو مختلف ليڪچر ڏيندي ماڻهن کي پنهنجي شخصيت کان متاثر ڪرائي هنن کي نئين دنيا اڏڻ جو تصور ڏنو، اهڙو خيال هن ڪتاب ۾ به ڏسي سگهجي ٿو، ”اوهان هڪ نئين دنيا جي شروعات ۽ افتتاح جي تمام ويجها آهيو، اها نئين دنيا جيڪا هڪ نئين شعور جي دنيا آهي “مجيب ناريجي گرو رجنيش  اوشو جو هي ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ سٺي ڪتاب جو اضافو ڪيو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان پڙهندڙ کي سٺيون ڳالهيون سکڻ لاءِ ملنديون ۽ هو بهتر نموني سان زندگي کي نئين گس تي آڻي نئين راھه جو راهي ٿي سگهي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو