ليکڪ: پروفيسر بشير سومرو
گذريل ھفتي روسي پرڏيهي وزير ليوروف ۽ آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري اينٽوني بلنڪن آرڪٽڪ ڪائونسل گڏجاڻيءَ جي سلسلي ۾ آئيس لينڊ جي گادي واري شھر ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي اختلافن ھوندي به ڪجهه ڳالهين تي اتفاق ڪيو ويو، جنهن ۾ سڀ کان اھم اشو حماس ۽ اسرائيل واري ھلندڙ جنگ کي بند ڪرائڻ تي زور ڏيندي ليوروف بلنڪن جي آڏو لبنان ۽ شام جي اندر روسي فوج جي پوزيشن ۽ سيڙپڪاريءَ جو خاڪو رکيو ۽ کيس ٻڌايو ته خطي ۾ جنگ جي پکڙجڻ ۽ حزب الله طرفان جنگ ۾ ڪڏي پوڻ سان ئي وچ اوڀر ايشيا، مصر ۽ لبيا ۾ ويڙھاڪ تنظيمون به حماس ۽ حزب الله سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي ساٿ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهن، تنهنجي ڪري جنگ کي ھڪ دم بند ٿيڻ کپي نه ته ٻي صورت ۾ روس ھلندڙ جنگ جو پاڻ فيصلو ڪندو، روس جي طرفان سخت موقف اچڻ کان پوءِ صدر بائيڊن نيتن ياھو کي شٽ اپ ڪال ڪئي ۽ پوءِ سڄي دنيا ڏٺو ته اسرائيل ڪنهن به لکت واري معاھدي ۽ پنهنجا ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ کان سواِءِ ئي جنگ بنديءَ تي عمل شروع ڪري ڇڏيو پر صدر بائيڊن کي روس جي ڌمڪي اچڻ سان ئي خطي ۾ طاقت جي توازن ۾ تبديليءَ جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا آهن، روس جي طرفان سخت ڌمڪي عرب اڳواڻن کي پڻ وائڙو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان وائڙپ ۾ واڌ تڏهن ٿي جڏهن آمريڪي فوج جي ڪمانڊر فرينڪ ميڪنزي رياض ۾ پنهنجي ھڪ بيان ۾ چيو ته آمريڪا وچ اوڀر ايشيا مان پنهنجون فوجون ڪڍي چين ۽ روس سان مقابلو ڪرڻ لاءِ موڪليندو پر جڏهن خطرو وچ اوڀر ايشيا ۾ موجود آهي جتي داعش ۽ القاعده کانسواءِ ننڍا ويڙھاڪ گروپ پڻ آهن ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو آمريڪا وارو خال چين ۽ روس نه ڀرين، اھڙي ئي پس منظر ۾ پرڏيهي سيڪريٽري اينٽوني بلنڪن وچ اوڀر ايشيا جي دوري تي پھچي چڪو آهي ۽ ھن جو سڀ کان اھم ڪم اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ٿيل عارضي جنگ بنديءَ کي مستقل ڪرائڻ آهي ۽ ساڳي وقت تي اسرائيل جي سيڪيورٽي جو به اشو حل ڪرڻ جي لاءِ سڀني عرب ملڪن تي زور ڀريو پر ان سان گڏ غزا جي پٽيءَ ۾ ٿيل تباهيءَ کي ٻيھر ٺاهڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي، اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگ بندي ڪرائڻ جي حوالي سان آمريڪي ڊفينس سيڪريٽري للائڊ آسٽن چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جي وائيس چيئرمين شيو ڪليانگ کي فون ڪري تازي صورتحال تي ڳالهيون ڪرڻ ٿي چاهيون پر چين جي فوجي ترجمان کيس چيو ته ھو پنهنجي ھم منصب يعني ڊفينس منسٽر ويي فينگھي يا چيف آف آرمي اسٽاف سان ڳالهائي ڇاڪاڻ ته شيو ڪليانگ ان سطح جو آفيسر نه آهي، روس ۽ چين جي اھڙي سفارتڪاريءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا جي پوزيشن ڪيتري ڪمزور آهي، آرڪٽڪ گڏجاڻيءَ ۾ اينٽوني بلنڪن صدر پيوٽن جي مخالف اڳواڻ اليڪسي نيوليني جو معاملو اٿاريو ۽ ساڳي وقت تي ماحولياتي گدلاڻ جي ڪري آرڪٽڪ سمنڊ مان برف ڳرڻ سبب وڏي پيماني تي روس واري پاسي ڏانهن ظاهر ٿيندڙ زمين جيڪا وڏي مقدار ۾ تيل ۽ گئس موجود ھجڻ ڪري ٻنهي ملڪن ۾ عسڪري طور تي اھميت اختيار ڪري وئي آهي تي پڻ ڳالهيون ٿيون، پر سڀ کان اھم اشو جيڪو ليوروف رکيو سا نارڊ اسٽريم 2 گيس پائيپ لائين آهي، جيڪا روس ۽ جرمنيءَ جي وچ ۾ 12 ارب ڊالرن جي لاڳت سان ھڪ عالمي ڪنسورشيم جي ذريعي ڇڪرائي وئي آهي، ھن پائيپ لائين جو نوي سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي پر آمريڪا طرفان لڳايل پابندين جي ڪري روس ھن پراجيڪٽ کي مڪمل نه ڪري سگهيو ھو، جڏهن ته انجيلا مرڪل آمريڪي پابندين کي جرمنيءَ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت سڏيو ھو ۽ ٽرمپ جي بي عزتيءَ واري رويي کان پوءِ آمريڪا سان لاڳاپن کي ٿڌو ڪري ڇڏيو هو ۽ انجيلا مرڪل ته يورپي يونين جي فوجي اتحاد ٺاهڻ لاءِ پڻ فرانس تي زور ڀريو ھو پر ھن گڏجاڻيءَ ۾ ليوروف گئس پائيپ لائين تان پابندي ھٽرائڻ ۾ ڪامياب ويو جيڪا روس جي سفارتي فتح آھي، روس جي سخت دٻاءَ ۽ مضبوط سفارتڪاريءَ کي محسوس ڪندي عالمي ميڊيا ٽراءِ پولر ورلڊ جو ٽرم استعمال ڪري رهي آهي، جنهن ۾ آمريڪا جي طاقت ۾ سوراخ وجھندڙ چين ۽ روس آهن ۽ ھي ٻئي معاملا آمريڪا جي سپر پاور ھجڻ جي ٽيسٽ پڻ آهن، روس ته آمريڪا جي ڪمزوريءَ کي محسوس ڪندي ھڪ دفعو وري يورپي يونين کي پنهنجي طاقت ڏيکاري رهيو آهي ته ھو بيلاروس کان سواِءِ يوڪرين تي به قبضو ڪري سگهي ٿو، جنهن جي نموني طور ھن آئرلينڊ جو جھاز ريانير ھائيجيڪ ڪرايو، ھي جھاز اٿينس مان اڏام ڪري لٿونيا ڏانهن وڃي رهيو هو ته ان کي بيلاروس جي سرحدن ۾ مگ -29 جھازن گهيرو ڪري زبردستي بيلاروس جي گاديءَ واري ھنڌ منسڪ ۾ لھڻ جو حڪم ڏنو ۽ ساڳي وقت تي جھاز جي پائلٽ کي جھاز ۾ بم ھجڻ جو اطلاع پڻ ڏنو ۽ کيس جھاز لاھڻ جي سخت تنبيهه ڪئي، جڏهن ته جھاز ۾ موجود نيڪسٽا گروپ جي اڳوڻي ايڊيٽر ۽ صحافي رومن پروٽاسيوچ پنهنجو ليپ ٽاپ پنهنجي گرل فرينڊ کي ڏيندي سڀني کي ٻڌايو ته ھي جھاز منهنجي ڪري زبردستيءَ لاٿو ٿو وڃي ۽ مونکي محسوس ٿو ٿئي ته مونکي گرفتار ڪري ڦاهي نه ڏين، ڇاڪاڻ ته يورپ جي اندر واحد ملڪ بيلاروس آهي جتي اڃا تائين ڦاهيءَ جي سزا ڏني ٿي وڃي، جھاز جيئن ئي لينڊ ڪيو ته فورسز اندر گهڙي آيون ۽ صحافي رومن پروٽاسيوچ ۽ سندس گرل فرينڊ کي گرفتار ڪري کڻي ويا، جيتوڻيڪ پروٽاسيوچ جي گرل فرينڊ دانهون ڪرڻ لڳي ته مان بيگناھه آھيان پر فورسز ٻنهي ڄڻن کي زبردستي وٺي وئي پر کين بم نه مليو، صحافي رومن پروٽاسيوچ بيلاروس جي صدر ليوڪاشينڪو جي گذريل سال واري صدارتي اليڪشن ۾ ٿيندڙ ڌانڌلين کي ھو فيس بوڪ تي اپ لوڊ ڪندي مستقل طور تي عوام کي احتجاج لاءِ ڀڙڪائيندو رھيو ھو پر ھن طرح سان گرفتاري صرف روس جي ڪي جي بي ڪري سگهي ٿي ۽ ظاهر آهي ته روس بيلاروس جي حمايت ڪندي چيو آهي ته اسان سان خطي ۾ ھائبرڊ جنگ وڙهي ٿي وڃي، جنهن جو اسان ڄمي مقابلو ڪنداسين، روس جي اھڙي موقف تي يورپي يونين جا اڳواڻ ڇتي تنقيد تي لھي آيا ۽ پروٽاسيوچ جي گرفتاريءَ کي رياستي دھشتگردي سڏيو آهي، جڏهن ته ناٽو سيڪريٽري اسٽاٽنبرگ حيرت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ھي ھڪ خطرناڪ عمل آهي ته رياست پاڻ جھاز کي ھائيجيڪ ڪري بيلاروس ۾ موجود آمريڪي سفير جھاز جي زبردستي لينڊنگ ڪرائڻ تي چيو ته نفرت جوڳي ليوڪاشينڪو ڪوڙي بم جو اطلاع ڏئي ھڪ بيباڪ صحافيءَ کي زبردستي گرفتار ڪري وڏو ڏوه ڪيو آهي، آمريڪا جي عالمي طاقت ۾ پوندڙ سوراخ کي محسوس ڪندي بائيڊن انتظاميا صدر بائيڊن ۽ صدر پيوٽن جي وچ ۾ جون جي 16 تاريخ تي جنيوا ۾ گڏجاڻي رکي آهي، جنهن جي تصديق وائيٽ ھائوس جي پريس سيڪريٽري جين پيسڪي ڪئي آهي، پيسڪي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته صدر بائيڊن صدر پيوٽن ھر معاملي تي کلي ڳالهائيندو پر ياد رهي ته صدر بائيڊن صدر پيوٽن کي اڳ ۾ قاتل چئي چڪو آهي ۽ اھڙي پس منظر ۾ ٻنهي ڄڻن جي ملاقات اسان کي ھڪ دفعو وري ماضيءَ ۾ وٺي ويندي، جڏهن ھينري ڪسنجر ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي سفارتڪاري جي نتيجي ۾ رچرڊ نڪسن چين جو دورو ڪيو ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته چين سوويت يونين جي ڪميونسٽ بلاڪ کان ڌار ٿي ويو ۽ ھاڻي به صدر بائيڊن جي ڀرپور ڪوشش ھوندي ته روس وري چين جي اثر مان ٻاھر نڪري اچي.