ليکڪ: حاڪم نصيراڻي
دنيا ۾ انيڪ خطرناڪ شيون موجود آھن پر منهنجي نظر ۾ هر خطرناڪ شيءِ جو خطرو دوکي ۽ دلاسي اڳيان ڦڪو نظر ايندو ڇو ته ٻيون شيون توهان جي جسم کي نقصان ڏينديون آھن پر دوکي ۽ دلاسي جو اثر سڌو سنئون ضمير تي پئي ٿو، پاڪستاني سياست جي تاريخ به دوکن ۽ دلاسن سان ڀري پئي آھي، دوکو لفظ مون ان لاءِ استعمال ڪيو آھي جو سياست ۾ هر ڪو موقعي جي تلاش ۾ ھوندو آھي، بس موقعو مليو ته ڪلابازيون شروع ٿي وينديون، مفاد پرست هميشه موقعي جي تلاش ۾ ھوندا آھن جئين هاڻي سالياني بجيٽ ويجهي آھي ۽ مفاد پرست ٻرن مان نڪرڻ شروع ڪري پنهنجا مطالبا مڃرائڻ ۾ حڪومت کي مجبور ڪندا، جيڪي ماڻھو ملڪي سياست تي گهري نظر رکن ٿا تن کي سٺي نموني ڄاڻ آھي ته لڳ ڀڳ سؤ سوا اهڙا ماڻھو آھن جن هميشه موقعو ڏسي پنهنجيون پارٽيون تبديل ڪيون آھن ۽ انهن جي ان روش کي پراڻي پارٽي سان دوکو چئبو آھي، نه صرف فرد ان عمل ۾ ملوث آھن پر ان سان گڏ ڪجهھ پارٽيون به اهڙيون آھن جيڪي هميشه هر حڪومت ۾ پنهنجو حصو پتي ڳنڍينديون رهيون آهن ۽ اهڙا ماڻهو چئن صوبن جي صوبائي حڪومتن ۾ هڪ ٻئي سان اتحادي ته وري مرڪز ۾ مخالف، جيڪڏهن مرڪزي حڪومت ۾ اتحادي ته صوبن ۾ مخالف سيٽن تي ويٺل نظر ايندا، ائين ڪرڻ به دوکو آھي، هاڻوڪي عمران خان جي سرڪار تي نظر وجهنداسين ته کوڙ اهڙا چھرا سامهون ايندا جيڪي پنهنجين پراڻين پارٽين سان وفا نه ڪندي پي ٽي آءِ جو حصو بڻيا، عمران خان جڏهن ڏٺو ته اهي ماڻھو سندس مفاد ۾ آھن ته ماضي جون تلخيون وساري کين پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏني، حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته انهن ماڻھن خان صاحب جي مخالفت ۾ وسان ڪين گهٽايو ۽ کيس هر لقب سان نوازيو پر وقت جي ضرورت کي مدنظر رکندي سڀ ڪجھه وساري کير کنڊ ٿي ويا، اها انساني عادت رهي آھي ته ڪنهن کي به ڪٿان به دلاسو ملندو آهي ته هو دوکي ڪرڻ ۾ دير ناهي ڪندو، سياست ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور شيءِ اقتدار جي ڪرسي آھي، ان ڪرسي جي دلاسي تي سالن جون سچيون دوستيون دوکي ۽ دلاسي جي ور چڙھي پنهنجو وجود ختم ڪري ويهنديون آھن، پاڻ صرف مرحوم ضياءُ الحق جي مارشل لا کان پوءِ واري پاڪستاني سياست تي نظر ڪيون ته کوڙ اهڙا ڪردار اسان کي ملندا جن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي موت تي جشن ملهايا ۽ مٺايون ورهايون پر جڏهن محترمه بينظير ڀٽو جلاوطني ختم ڪري ڏيهھ واپس وري ته انهن ماڻھن پ پ ۾ شموليت کي پنهنجي بقا سمجهيو، ڌڙا ڌڙ ماڻھو پ پ ۾ شامل ٿيندا ويا، پ پ به ان کي جمهوريت جو حسن قرار ڏئي سڀني جي ساٿ ساٿ سان حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿن ۾ ڪرڻ لاءِ اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ ائين پارٽي جي شريڪ چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو پهرين مسلمان عورت وزيراعظم ٿيڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو، ان وقت جي صدر غلام اسحاق خان محترمه جي حڪومت ختم ڪئي ته ڪجھه مفاد پرست ڪرسي جي دلاسي تي محترمه سان دوکو ڪري نواز شريف جي ٽولي ۾ شامل ٿي ويا ۽ ملڪي مفادن جي ڳالهھ ڪئي پر حقيقت ۾ انهن کي ملڪي مفادن کان وڌيڪ پنهنجا ذاتي مفاد عزيز هئا، جيڪي محترمه جا ساٿي هئا انهن دلاسي تي دوکو ڪيو، ائين نواز شريف پنجاب جي وڏ وزارت کان ٽپو ڏئي پاڪستان جي وزيراعظم ٿيڻ جا مزا ورتا، سخت مزاجي چئجي يا اصول پرستي جي ڪري ان وقت نواز شريف ٽي وي تي اچي خطاب ڪيو ۽ صاف کليل لفظن ۾ چيائين ته مان ڪنهن جي به دٻاءَ ۾ نه ايندس، نه اسيمبلي ٽوڙيندس ۽ نه وري استعيفيٰ ڏيندس، سياست سان چاھه رکندڙ ماڻھن کي ياد هوندو ته غلام اسحاق خان نواز شريف جي ان تقرير کان پوءِ سندس حڪومت ختم ڪري ڇڏي ۽ نواز شريف جا ويجها ساٿي وڃي ڪنهن ٻئي جي جهولي ۾ پيا، اها ٻي ڳالهھ آھي ته سپريم ڪورٽ نواز شريف جي حڪومت بحال ڪري ڇڏي، پر ٽن چئن مهينن کان پوءِ نواز شريف غلام اسحاق سان گڏ پاڻ به گهر هليو ويو ۽ لوٽن جي هڪ ٽيم وري به وڃي محترمه سان ملي ۽ محترمه انهن کي پنهنجو آشيرواد ڏئي گڏ ڪيو، قصو مختصر مفاد پرست وري دلاسي تي دوکو ڪري ويٺا ۽ اڳ ڪجهھ چهرا ٻيا هئا ۽ هاڻي وري ڪجهھ چھرا ٻيا آھن پر سندن مفاد ساڳيو آھي، جيڪو آهي ته لٽيو، کائو پيئو ۽ مزا وٺي پاڻ بچايو، 1993 ع واري محترمه جي حڪومت هڪ اهڙي ماڻھو هٿان ختم ڪرائي وئي جنهن جو تصور ڪرڻ به گناهه سمجهيو ويندو هو، جي بلڪل مان مرحوم سردار فاروق احمد لغاري جي ڳالهھ ڪيان پيو، غلام اسحاق خان جي ظاهري دوکن کي ڏسي محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف سان گڏ هر ڪو پريشان هو پر جڏهن پ پ پنهنجي پارٽي جي نهايت ئي وفادار ساٿي کي صدر پاڪستان چونڊيو ۽ محترمه پاڻ وزيراعظم ٿي ته هر ڪنهن سمجهيو ته هاڻي پ پ سرڪار جا 5 سال آساني سان گذري ويندا پر وري به دوکي جو چُورن استعمال ڪندي سڀ هضم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اهڙي ريت فاروق لغاري کي تاريخ ۾ دوکيباز ثابت ڪرڻ لاءِ محترمه جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ اهڙو ته استعمال ڪيو ويو جو وري سياسي ميدان ۾ کين اها عزت نه ملي، جيڪا هن کي ملڻ گهرجي ها، سياست ۾ ھميشه هڪ ڪلهي جو استعمال ڪبو آھي ۽ نشانو ٻيو ڪو هڻندو آھي، ساڳي ڪار وري نواز شريف سان ٿي ۽ مشرف سان سنگت گڏجي وئي، نواز شريف کان فائدا وٺندڙ مشرف اڳيان نچندا رهيا ۽ ساڳيا لاٽون ساڳيا چڳ وارو سلسلو اڄ تائين هلندو پيو اچي، هر پارٽي انهن دوکي بازن کي دلاسو ڏئي پاڻ سان ملائيندي رهي ۽ اهي وري خود ثنائي ۾ پنهنجي پراڻن ساٿين جي ڪارڪردگي تي هزارين سوال اٿاري الزام بازين ۾ گهٽ نه ڪندا آھن، ڪرسي ماڻڻ ڪو وڏو مسئلو ناهي پر ليڊر ٿيڻ تمام مشڪل آھي، ڇو ته ليڊر صدين ۾ پيدا ٿيندا آھن، ليڊر جهڪندو ناهي ۽ اصولن تي سوديبازي ناهي ڪندو، موت جو خوشي سان آڌر ڀاءَ ڪري ڳلي لڳائيندو آھي پر مفاد پرستن کي پنهنجي صفن مان لوڌي ٻاهر ڪڍندو آھي، ڪاش اهو ڏينهن پاڪستاني تاريخ ۾ اچي جو عوام لوٽن کي ووٽ نه ڏئي ۽ پارٽيون انهن کي قبول نه ڪن.