164

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ادب جو عاشق ۽ سنڌي ٻوليءَ جو شاعر

ليکڪ: فقير محمد سنڌي

سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار رزاق مهر جو زندگيءَ بابت خاڪو آهي ته ”زندگيءَ سان مڙس ماڻهو ٿي لڙجي يا نه ته ان جي هٿان چپ چاپ شڪست قبول ڪري ڇڏجي، دنيا ۾جيئڻ جا رڳو اهي ٻه رستا آهن، ٽيون رستو ڪوبه ڪونھي“ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌ جو اهو شاعر ۽ ليکڪ آهي جنھن ادب ۽ پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ مڙس ماڻهو ٿي گذاريو آهي. جنھن جي زندگي جو مختصر جائزو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو . ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ولد سرائي محمد خان سيال 28 مئي 1957ع تي ڳوٺ فريدآباد تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، خانداني لحاظ کان سندس لاڳاپو زميندار ۽ تعليم يافتا خاندان سان آهي، هن 1972ع ۾ مئٽرڪ ڪئي. لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ايم  بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد 1984ع ۾ ڪميشن جو امتحان ڏئي، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کان عملي زندگيءَ جي ابتدا ڪيائين، آر ايم او (ايڊمنسٽريشن) ايل ايم سي حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو (1989ع-1988ع) رهيو. ان کان سواءِ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد، ايڊيشنل پوليس سرجن جناح اسپتال ڪراچي ۽ ايم ايس چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال لاڙڪاڻي ۾ پنھنجا فرض سرانجام ڏنا، ذوالفقار سيال 1971ع ڌاري لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئـي، سندس ٻارن لاءِ ڪهاڻيون ۽ شاعري مختلف اخبارن جـي ”ٻارن جي صفحن“ ۾ ڇـپـجـــنــديـون رهيون. چـانـڊوڪــي پـبليڪيشن لاڙڪاڻي جو (1976ع-1974ع) جو ايڊيٽر ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ”سنگت“ مخزن جو چيف ايڊيٽر (2008ع- 2006ع) رهيو آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو ميمبر ۽ 1972ع ۾ ان جو سيڪريٽري بڻيو. ان کانپوءِ 1976ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ايل ايم سي جو سيڪريٽري بڻيو، 1996ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي خزانچي ۽ 2006ع ۾ ٻن سالن لاءِ سنگت مرڪز جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. گهڻي عرصي جي وٿي کان پوءِ ٻيھر سنڌي ادبي سنگت مرڪز تي ( 2018-2019) لاءِ سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي پنھنجو خدمتون سرانجام ڏنيون، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سٺو ڪمپيئر به رهيو آهي ۽ ٽي وي جي ڪيترن پروگرامن جي ميزبان جي حيثيت سان ڪمپئرنگ ڪري چڪو آهي. هن ڪيترن سنڌي ۽ اردو ڊرامن (”ڪن ۽ ڪنارا“، ”پرهه کانپوءِ“، ”غازي عبدالقيوم شهيد“، ”درد ڪو جو زبان ملي“) ۾ اداڪاري به ڪئي آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌ جو اهو خوش نصيب شاعر آهي جنھن جي شاعري ڪافي فنڪارن ڳائي آهي، ملڪ جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان ذوالفقار سيال جا گيت نشر ٿين ٿا جيڪا شاعر ۽ ليکڪ لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي، ڊاڪٽر حياتيءَ جي روشن باب کي مستقل مزاجي سان جاري رکيو آهي، جنھن مان پنهنجي ذاتي زندگي ۽ سنڌي ادب کي ڪٿي به بي زبان ٿيڻ ڪو نه ڏنو آهي. تاريخ ۽ ادب جي وارثي ڪندو رهي ٿو.ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن .جنهن ۾  ”رڻ سڄـــو ئــي رت ڦڙا“ ،”ڳاڙها هٿ پيلا چهرا“ ،”چهرا چنڊ گلابن جھڙا“ ،”بارش کانپوءِ“، ”اکر اکر سرهاڻ“، ”آئينه ۽ عڪس“، ”لفظن جا رانديڪا“، ”سنڌي شاعريءَ جو سفر“ ، ”پنهنجي ٻولي، پياري ٻولي“، ”ماڻهو اُجرا رستا ميرا“، ”منهنجي ديس جا ٻار“، ”گلڙن جھڙا گيت“ ، ”مکڙين مالها“،”دعائون“، ”گل مکڙيون“،  ”گيت کيڏوڻا“، ”ننڍڙا فرشتا پياريون پريون“، ”چنڊ به منهنجو رانديڪو“، ”لفظ لفظ خوشبو“، ”منهنجو ننڍپڻ“۽ ”منھنجو گڏڙو-منھنجي گڏڙي“سنڌي ادب جي کيتر ۾ شامل آهن، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ادبي پورهئي تي ساجد سنڌي، ”ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ادب ۽ شخصيت“ 2019ع جي عنوان سان شاندار نموني جي سھيڙ ڪئي آهي، جنھن مان سنڌي ادب جا ليکاري آساني سان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي زندگي ۽ ادبي پورهئي تي لکي ۽ پڙهي سگهن ٿا، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا جذبا سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ لا هر ويل جوان آهن، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا ڪجھه ڪتاب ڇپائي جي مرحلي ۾ آهن. ”الا آڱر ٽانڊا“، ”پنھنجي دنيا ڌار“۽ ”ڊاڪٽر ذوالفقار سيال فن ۽ فڪر“ شامل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو