ايڊيٽوريل
سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هن وقت انتها درجي تي پهتل آهي، سڄي صوبي جو اهڙو ڪو به شهر يا علائقو نه آهي جتان پاڻي جي کوٽ خلاف آواز بلند ٿيو هجي، تقريبن هر شهر ۾ هاري، آبادگار ۽ شهري احتجاجي مظاهرا ڪري رهيا آهن، لاڙ، ڪاڇو، وچولو، ٿر، اتر هر هنڌ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرن ۾ سختي اچي رهي آهي، صورتحال اها آهي ته ماڻهو هاڻ انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ميڊيا رپورٽن مطابق سنڌ جي ٽيل وارن علائقن جي صورتحال سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ ڏڪار واري ٿي رهي آهي، جتي فصلن جي پوکائي ته پري پر ماڻهن توڙي جانورن جي پيئڻ لاءِ پڻ پاڻي نه آهي، رهواسي ڪيترائي ڪلو ميٽر پري وڃي پيئڻ جو پاڻي ڀري اچڻ تي مجبور آهن، پڇڙين ۾ سالن کان پاڻي نه پهچڻ سبب جر کارو ٿي ويو آهي ۽ اتي ڪاري ڪامڻ سميت ٻيون وبائي بيماريون پکڙجي رهيون آهن، خوشحال ڌرتي جا سوين ايڪڙ زمينن جا مالڪ ماڻهو جيڪي سکيا ستابا هئا اهي به هاڻ ٻچڙن سميت مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪري رهيا آهن، يقيني طور تي هن وقت سنڌ ۾ ڏڪاري صورتحال جهڙا منظر آهن، پر بدقسمتي اها آهي ته گذريل هڪ مهيني کان عوام توڙي سنڌ حڪومت مسلسل احتجاج ڪري رهي آهي، ان باوجود وفاقي حڪومت پاڻي جي ورڇ واري معاملي تي صوبي سان ناانصافي ڪري رهي آهي ۽ ارسا ۽ واپڊا سميت پنجاب ڏاڍ جي بنياد تي فيصلن جي ڀڃڪڙي ڪندي تونسا پنجند ڪئنال وهائي اتان زبردستي پاڻي کڻي رهيو آهي ۽ هڪ مهيني کان مسلسل پاڻي کڻڻ سبب هاڻ تربيلا ڊيم ڊيڊ ليول تي پهچي چڪو آهي ۽ ارسا تازو پنهنجي هڪ بيان ۾ فرمان جاري ڪيو آهي ته پاڻي جي کوٽ سنگين ٿي وئي آهي، ان ڪري هاڻ سڀني صوبن کي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو. سنڌ جي مسلسل احتجاجن بعد وزيراعظم جي صدارت هيٺ پاڻي بابت ٿيل اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو آهي، ان کانپوءِ سينيٽ توڙي قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن جي سخت احتجاج بعد ميڊيا جي رپورٽن مطابق وزيراعظم اڄ ٻيهر اجلاس گهرائي سنڌ جي شڪايتن تي نظرثاني جو اعلان ڪيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته هن وقت پاڻي جي صورتحال جيئڻ ۽ مرڻ جي نقطي تي اچي بيٺي آهي، بدقسمتي اها آهي ته موجوده حڪومت معاملن تي تيستائين سنجيدگي ناهي ڏيکاريندي جيستائين اهي عروج تي ناهن پهچندا، جڏهن ته پاڻي جي ورڇ لاءِ ٺاهيل اداري ارسا ۾ به سدائين پنجاب جي بالادستي رهي آهي، اتي هن حڪومت ۾ صورتحال اها بيٺل آهي ته مقرر ڪيل چيئرمين کي وزيراعظم کان به وڌيڪ طاقتور سمجهندي سنڌ جي نمائندي جي تذليل ڪرڻ کان به پوئتي نٿو هٽي، نه ئي وري ڪو جائز آواز ٻڌو وڃي ٿو، ظلم ته اهو آهي ته ٽن صوبن پاران تونسا پنجند ڪئنال مان پاڻي کڻڻ واري عمل کي غيرقانوني قرار ڏئي هڪ ئي آواز ۾ ان کي رد ڪرڻ باوجود ارسا ۾ موجود شائونسٽ چيئرمين ٽن صوبن جي آواز کي دٻائي پنجاب جي هر ارهه زورائي تي تماشائي بڻيل آهي، اسان سمجهون ٿا ته اهڙي تڪراري ۽ تعصب واري سوچ رکندڙ چيئرمين کي فوري طور تي ڪرسيءَ تان هٽايو وڃي ۽ پاڻي جي ورڇ واري معاملي کي هاڻ مستقل بنيادن تي حل ڪيو وڃي، ڇو ته حڪومت 1991ع واري ٺاهه تحت پاڻي جي ورڇ کي منصفاڻي طريقي سان صوبن تائين پهچائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، پاڻي جيئن ته جياپي جو مسئلو آهي ۽ جيڪڏهن ان ۾ اها ناانصافي جاري رهندي آئي ته ملڪي وحدت به قائم نه رهي سگهندي ۽ مجبور ٿي سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهو روڊن تي نڪتا آهن، پاڻي جي ورڇ کي منصفاڻو ۾ بڻائڻ ۾ دير سان ائين نه ٿئي ته گهڻي دير ٿي وڃي.