126

پي ايس ايل بقايا ميچن تان خطرو نه ٽريو، پي سي بي کي مٿي تي هٿ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي بقايا ميچن تان خطرو نه ٽريو، پي سي بي معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، رپورٽ مطابق يو اي اي ۾ ڏکڻ آفريقا ۽ ڀارت جي براڊ ڪاسٽر کي کڻي ايندڙ چارٽر فلائيٽ کي لينڊنگ جي اجازت نه ملي سگهي آهي، ان حوالي سان پي سي بي ۽ پي ايس ايل فرنچائيزر هنگامي اجلاس گهرائي معاملي کي فوري طور حل ڪرڻ لاءِ صلاح مشورو ڪيو آهي، جڏهن ته ڪجهه رانديگرن کي ويزا نه ملڻ به پي سي بي لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويو آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ترجمان مطابق رانديگرن کي ويزا توڙي چارٽر جهاز جي لينڊنگ جي اجازت واري معاملي تي امارات بورڊ سان ڳالهيون هلندڙ آهن، جنهن کي معاملو حل ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، ترجمان جو چوڻ هو ته ڪورونا صورتحال بقايا ميچن کي ڪرائڻ ۾ وڏي رنڊڪ آهي، ڪوبه ملڪ وبا کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو