پڪاچانگ / فيض گنج (ويب ڊيسڪ) ڪوٽ لالو لڳ هٿياربندن جي فائرنگ نوجوان قتل معصوم نينگري سميت ٻه ڄڻا زخمي نوجوان جو لاش روڊ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڌرڻو ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاهنواز شر ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ووئڻن جو رونپو ڪندڙ نوجوان رانجهو ولد ڦوٽو خان شر کي زخمي ڪري ڇڏيو نوجوان کي علان لاء نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته ٻانڌي وٽ فوت ٿي ويو فوتي نوجوان جو لاش واپس آڻي مهراڻ نيشنل هاوي جلالجي چودڳي وٽ اسٽاپ لاش رکي سندس وارثن ڌرڻو هڻي رڳڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جڏهن ته ٻئي ڌر جون زخمي ٿيل نينگري 10سالن جي فرزانه ۽پيرسن عورت کي ليٽر ڏيڻ بعد فيض گنج جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي قتل ٿيل نوجوان جي وارثن عبدالمجيد نواب علي قلندر بخش شر ۽ٻصحافين کي ٻڌايو ته اسان راڄپر برادري کان چارايڪڙ زمين خريد ڪئي آهي جنهن تي شاهنواز شر واري ڌر کي اعتراض هو جن اڄ ووئڻن جو رونپو ڪرڻ دوران اسان تي حملو ڪري فائرنگ ڪري اسان جو نوجوان قتل ڪيو آهي هنن چيوته جستائين قاتلن ۾ ملوث جوابدارن گرفتار نه ٿيندا احتجاج ختم نه ڪنداسين جڏهن ته ٻئي ڌر جي زخمي ٿيل نينگري ۽پيرسن عورت کي اسپتال پهچائڻ لاء سرڪاري ايمبولنس نه پهتي جنهن بعد ڪرائي واري موٽر سائيڪل تي کڻي زخمين کي اسپتال پهچايو ويو آهي ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڪوٽ لالو پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ ڄڻو قتل ٿيو آهي ٻئي ڌر جي نينگري ۽پيرسن به زخمي آهن اهي زخمي ڪئين ٿيون آهن جاچ ڪيون ٿا نوجوان کي ووئڻن جو رونپو ڪرڻ دورانگوليون هنيون ويون آهن جڏهن ته ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿيڻ ڪري ضلع جي مختلف ٿاڻن جي پوليس کي طلب ڪيو ويو آهي واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو آهي
