ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي فاريڪس مارڪيٽ ۾ واپاري سرگرمين جي شروعات ۾ روبل جي ڀيٽ ۾ ڊالر ۽ يورو جي مٽا سٽا واري شرح ۾ اضافو رهيو. ماسڪو مارڪيٽ ۾ جمعي تي شروعاتي واپاري سرگرمين دوران روبل جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي مٽا سٽا واري شرح 13.5 ڪوپيڪس وڌي 73.6 روبل في ڊالر رهي. روبل جي ڀيٽ ۾ يورو جي مٽا سٽا واري شرح 11 ڪوپيڪس اضافي سان 89.7 روبل في يورو رهي.
