193

ناڻي واري وفاقي وزير جي رشڪئي فري زون جي افتتاح تي وزيراعظم عمران خان کي مبارڪون

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير جي رشڪئي فري زون جي افتتاح تي وزيراعظم عمران خان کي مبارڪون پيش ڪيون آهن. ڪالهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شوڪت ترين چيو ته خصوصي اقتصادي زونز جي قيام ۽ ان جي آبادڪاري چين پاڪستان اقتصادي راهداري رٿا (سي پيڪ) جي سفر جو سڀ کان اهم حصو آهي. هن رشڪئي فري زون جي افتتاح تي وزيراعظم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته ان سان پاڪستان خاص ڪري خيبر پختونخوا تمام گهڻو فائدو حاصل ڪندو. ناڻي واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سي پيڪ ترقي ڪري رهيو آهي جو هيش ٽيگ پڻ شيئر ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو