170

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي عراقي هم منصب جي دعوت تي 3 ڏينهن جي دؤري تي عراق روانو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي عراقي هم منصب جي دعوت تي 3 ڏينهن جي دؤري تي عراق روانو ٿي ويو. پرڏيهي وزير عراقي هم منصب فواد حسين سان خصوصي ملاقات ڪندو. ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن سميت گهڻ رُخي شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ، مسلم اُمت کي پيش ايندڙ چئلينجن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. پرڏيهي وزير عراق جي صدر برهام صالح سميت عراق جي اعليٰ قيادت سان پڻ ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي وزير عراقي قيادت سان ملاقاتن ۾ هر سال زيارت لاءِ عراق ويندڙ زائرين جي تڪليفن ۽ انهن جي سهولتن لاءِ قدمن جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. عراقي قيادت سان ٻه طرفي سياسي ۽ دفاعي تعاون وڌائڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهيون ڪندو. پرڏيهي وزير جو هي دؤرو وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشنيءَ ۾ مسلم ملڪن سان اعليٰ سطحي رابطن جي هڪ ڪڙي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو