150

پاڻي جي بحران ۾ ويتر واڌ، ارسا سنڌ ۽ پنجاب جي پاڻي جي حصي ۾ وڌيڪ ۾ 32 سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي

اسلام آباد/ ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوري ملڪ ۾ پاڻي جو بحران ويتر وڌي ويو آهي، ارسا پنجاب ۽ سنڌ جي لاءِ پاڻي ۾ وڌيڪ 32 سيڪڙو گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواکي شارٽ فال کان آجو قرار ڏيندي انهن کي پورو پاڻي ڏنو پيو وڃي. ان سلسلي ۾اسلام آباد ۾ پاڻي جي مسئلي تي انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبن جي حصن ۾ وڌيڪ ڪٽوتي ڪئي وئي. پنجاب ۽ سنڌ جي پاڻي جي حصي  ۾ 32 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي. ٻنهي صوبن کي پاڻي جي فراهمي ۾ ان کان اڳ 23 سيڪڙو گهٽتائي هئي. اڄ کان پنجاب کي 83 هزار ۽ سنڌ کي 74 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويندو. ان سلسلي ۾ ارسا چيو آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ آبي ذخيرن ۾ 60 هزار ايڪڙ فيٽ جي گهٽتائي ٿي وئي ۽ سمورن ڊيمن ۾رڳو 6 لک 72 هزار ايڪڙ فيٽ پاڻي رهجي ويو آهي. گذريل ڏينهن 7 لک 32 هزار ڪيوسڪ پاڻي هو.24 ڪلاڪن ۾ تربيلا ۾ 5 هزار ايڪڙ فيٽ پاڻي گهٽ ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 71 هزار کان گهٽ ٿي 66 هزار ايڪڙ فيٽ تي اچي ويو آهي. منگلا ۾ 25 هزار ڪيوسڪ جي گهٽتائي ريڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته چشما ۾ پاڻي جي اسٽوريج ۾ 30 هزار ايڪڙ فيٽ جي گهٽتائي ٿي. ٻي پاسي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي چيو ته  سنڌ جو پاڻي روڪڻ سبب صوبي ۾ پاڻي جو بحران ٿيو آهي، پاڻي جو مسئلو سياسي نه پر معاشي آهي.  خريف ۾ پنجاب کي 85 ايم اي ايف پاڻي ڏيڻ سنڌ سان زيادتي آهي، پاڻي جي ورهاست ۾ سنڌ سان زيادتي ٿيندي رهي آهي. ربيع جي مند ۾ 27.67 ملين ايڪڙ فيٽ پاڻي گهٽ مليو، جڏهن ته پنجاب کي 33.18 ملين ايڪڙ فيٽ پاڻي وڌيڪ مليو. سنڌ پاڻي جي 1991ع واري معاهدي جي مخالفت ڪئي هئي، پر ان باوجود ان معاهدي ۾ جيڪو طئي ٿيل آهي ان تي ئي عمل نه پيو ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اسين چاهيون ٿا ته جنهن جو جيترو به حصو آهي اهو ان کي انصاف سان ملڻ کپي، اسان کي پنهنجي حصي کان هڪ ڦڙو به وڌيڪ نه کپي. ٻيا به رڳو پنهنجي حصي جو ئي پاڻي وٺن ان کان وڌيڪ جي ڪا ڳالهه نه ڪن.  مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ٻين ڪيترن ئي مسئلن جي باوجود پاڻي جي معاملي ۾ سنڌ اسيمبلي هميشه گڏ رهي آهي پر هن ڀيري ان کي هن معاملي ۾ ورهايل ڏسي دلي صدمو پهتو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو