151

پنجاب حڪومت سنڌ تي پاڻي چوري ڪرڻ جو الزام هڻي ڇڏيو، مانيٽرنگ ڪرڻ جو به مطالبو

لاهور  (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت سنڌ تي پاڻي چوري ڪرڻ جو الزام هڻي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ جا جاگيردار سنڌ حڪومت جي ملي ڀڳت سان پاڻي چوري ڪن ٿا ۽ پوءِ ان کي لائين لاسز ڄاڻايو وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته پاڻي چوري ڪري پنجاب جي حق تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پاڻي پنجاب مان 2600 ميلن تائين پاڻي گذري ٿو جتي رڳو 8 سيڪڙو پاڻي ضايع ٿئي ٿو پر اها ڪيڏي نه کل جوڳي ڳالهه آهي ته جڏهن پاڻي سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو ته اتي 39 سيڪڙو پاڻي ضايع ٿيڻ جو ٻڌايو وڃي ٿو.  ان ڪري اسان جو  ارسا کان مطالبو آهي ته پاڻي جي مانيٽرنگ ڪرائي. ٻي پاسي پنجاب جي آبپاشي واري وزير محسن لغاري چيو آهي ته پاڻي جي ماپ لاءِ نيٽرل ايمپائر مقرر ڪيو وڃي، پاڻي داخل ٿيڻ ۽ نيڪال ٿيڻ وارن هنڌن تي نگراني ڪئي وڃي، وفاق، سنڌ ۽ پنجاب جو هڪ هڪ اڻ ڌريو نمائدو مقرر ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو