ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ ايندڙ ٻن مهينن لاءِ پنهنجي مانيٽري پاليسي جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن هيٺ ايندڙ ٻن مهينن لاءِ وياج جي شرح 7 سيڪڙو جي سطح تي برقرار رکي آهي. استيٽ بئنڪ هلندڙ مالي سال ۾ مهانگائي گهٽجي 9 سيڪڙو تائين برقرار رهڻ امڪان ظاهر ڪيو آهي. اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته هلندڙ سال اپريل تائين مهانگائي جي شرح 11.1 سيڪڙو ريڪارڊ ٿي، وچ مدي ۾ 5 کان 7 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، ملڪ جي معيشت مضبوط بنيادن تي بهتر ٿي رهي آهي، صنعتي شعبي جي ترقيءَ ۾ 3.6 سيڪڙو ترقي ٿي، 17 ورهين کان پوءِ 10 مهينن ۾ هلندڙ کاتا سرپلس رهيا، پرڏيهي ناڻو 4 ورهين جي بلند سطح تي پهچي ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ وڌيڪ چيو آهي ته خانگي سيڪٽر جي قرضن ۾ 43 سيڪڙو واڌ ٿي، اسٽيٽ بئنڪ وٽ پرڏيهي ناڻو 16 ارب ڊالر ٿي ويو آهي.
