اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايوان صدر ۾ صدر عارف علوي سان نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال ملاقات ڪئي ۽ نيب جي سالياني 2020ع جي رپورٽ پيش ڪئي ۽ ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 2020ع جي دوران 323.29 بلين رپين جي رڪوري ڪئي وئي آهي، نيب کي 24 هزار 706 شڪايتون مليون، 369 انڪوائريون ۽ 175 ڪيس اڪلايا آهن. گذريل سال دوران احتساب عدالتن ۾ 136 ريفرنسز داخل ڪيا ويا آهن.
159